Editor's pickMain Slideڪالم

ٿر جو لوڪ ادب: مثالي ڌنار ٻانڀڻو ڀيل، جنھن جي موت ولر کي ويڳاڻو ڪري ڇڏيو

ڪافي ڏينهَن تائين سڄو ولر ويڳاڻو ويڳاڻو گهمندو رهيو، نه پاڻي پيتائين نه گاھ چريائين، سڀ ڍڳيون رڳو رانڀاٽ ڪري پيون ڏينهن ڪٽينديون هيون، ڏھ ڍڳيون ۽ هڪ سانَ ڍڳو رانڀاٽون ڪري ڪري مري ويا.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

ڀارومل امراڻي

 ٻانڀڻو عرف ٻانڀڻيو اٽڪل هڪ سئو ورهيه اڳ ننگرپارڪر تعلقي جي ڳوٺ گينگهاويري ۾ سروپي ڀيل جي گهر جنم ورتو . ننڍپڻ کان روايتي طور تي ٻني ٻاري سان گڏ مال چارڻ جي ڪرت سان لڳي ويو. کيس ڳئون چارڻ جو تمام گهڻو شوق هو. ان وقت ڳوٺ مالسريو ميرمحمد جي رهواسي نوجوان شاعر ۽ ليکڪ ناشاد سمي جي پڙڏاڏي سڄڻ سمون وٽ وڏي تعداد ۾ ڪانڪريچ/وڍيارين ڍڳيون هيون. ٻانڀڻي ٻالڪپڻ کان اهي ڪانڪريچ ڍڳيون چارڻ واري ڪرت شروع ڪئي هئي. ننڍپڻ کان ڌنارپو ڪندي ۽ دلي لڳاءَ سبب کيس ڌنارپي جا سڀ گُر سمجهه ۾ اچي ويا هئا ۽ کيس مال جي چارڻ وارڻ تنوارڻ جو فن ملي چڪو هو. ٻانڀڻي کي ڍڳين سان ڄڻ ته هڪڙو اڻٽٽ ناتو جڙي چڪو هو.

چون ٿا ته هڪ ڀيري مالسريي ۾ گاھ جي کوٽ سبب ڪجهه پرڀري ڳوٺ مهلاڻي يوسي پيلو تعلقو ننگرپارڪر ۾ ڀاڳيو سڄڻ پنهنجون ڍڳيون ڪاهي وس تي ويل هو. ڌنار ٻانڀڻو ئي هو. اتي پاڻيءَ جي کوٽ سبب ڍڳين جي روز پاڻي پيئارڻ بدران ”تسي تي“ يعني ھڪ ڏينهن ڇڏي ٻئي ڏينهن پاڻي پياريو ويندو هو. وس چارڻ لاءِ ٻيا ڀاڳيا به پنهنجا ولر اتي وٺي آيل هئا. هڪ ڀيري ڪنهن همراھ شرط رکي ته تسي کان پوءِ پاڻي پيئڻ لاءِ کوھ تي ايندڙ ولر جيڪڏهن پاڻي پيئڻ بنا واپس سيم واري وڃي ته ان کي ڌنار مڃون. ڪنهن به ڌنار اهڙو شرط پورو ڪرڻ جي حامي نه ڀري، پر اڪيلي ٻانڀڻي چيو ته اهو شرط آئون پورو ڪندس. شرط واري مقرر ڏينهن کوھ تي وڏي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ٿيل هئا. ڍڳيون تسو ڪٽي پاڻي پيئڻ لاءِ کوھ تي وري رهيون هيون، ۽ ڍڳين جو ولر اواڙي تي مس پهتو ته ٻانڀڻي تنوار ڪري سڄو ولر بنا پاڻي پيئڻ جي واپس واري شرط کٽي ورتو.

ٻانڀڻي اهڙا مختلف شرطو اڳي به کٽيا هئا، پر هي شرط سڀني کان ڏکيو شرط هو. چيو وڃي ٿو ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ حسبِ دستور ٻانڀڻو ڍڳين ۾ پهريل هو ته هڪڙي رات کيس ٿر جي خطرناڪ موتمار بلا پيئڻ بلا (ڦُوڪڻِي) ڦُوڪي وئي. ٻانڀڻو جنهن سيم ۾ مال پهرائي ويل هو ان پاسي ڪو ٻيو ولر به نه هو، ان ڪري اڪيلو هو ۽ جهنگ ۾ پيئڻ بلا جي زهر هارڻ کان پوءِ اڪيلو بي يارو مددگار پيل هو.

چون ٿا ته ڍڳين جو پورو ولر اتي ئي بيٺل رهيو، جتي ٻانڀڻو پيل هو. صبح جو دير تائين ولر واپس نه موٽڻ سبب سڄڻ سڀني ڳوٺاڻن ۽ وس چارڻ لاءِ ڀاڳين کي چيو ته ولر اڃا ناهي پهتو، مون کي شڪ لڳي ٿو ته ٻانڀڻي ڏانهن خير ڪونهي. نيٺ ڪافي دير کان پوءِ ڳوٺاڻا ۽ وس چارڻ آيل ڀاڳيا سڄڻ سان گڏ سيم ڏانهن روانا ٿيا، سيم ۾ پهچي ڇا ڏسن ته ٻانڀڻو ڪنهن وڻ جي ڀرسان بيحال پيل آهي ۽ سڄو ولر مٿي بيٺل آهي. ٻانڀڻي کي ماڻهن مشڪل سان اتان کنيو، جيڪو ڳوٺ مهلاڻي پهچندي پهچندي ئي دم ڏئي ويو. ڪافي ڏينهَن تائين سڄو ولر ويڳاڻو ويڳاڻو گهمندو رهيو، نه پاڻي پيتائين نه گاھ چريائين، سڀ ڍڳيون رڳو رانڀاٽ ڪري پيون ڏينهن ڪٽينديون هيون، ڏھ ڍڳيون ۽ هڪ سانَ ڍڳو رانڀاٽون ڪري ڪري مري ويا. باقي ولر کي سنڀالڻ ٻي ڪنهن ڌنار جي وس جي ڳالھه نه هئي، نيٺ ٻانڀڻي جي نوجوان ڀائيٽي ڪرنو ڀيل کي ولر ۾ پهرايو ويو ۽ هن ئي ولر کي سنڀاليو.

_____________

Bharu Mal-Sindh Courier

ڀارو مل امراڻي ٿرپارڪر، سنڌ سان تعلق رکندڙ هڪ ناميارو لوڪ ادب جو ماهر، شاعر، محقق، صحافي، براڊڪاسٽر ۽ سماجي توڙي ماحولياتي ڪارڪن آهي، جنهن گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو ٿري لهجي، لوڪ ادب ۽ ثقافت جي بچاءُ ۽ پرچار لاءِ وقف ڪيو آهي. 17 فيبروري 1982ع تي چيلهار ويجهو ڳوٺ سوٿار جو تڙ ۾ پيدا ٿيندڙ ڀيرو مل سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۽ تعليم ۾ ماسٽرس سان گڏ قانون جي ڊگري (ایل ایل بی) پڻ حاصل ڪئي آهي ۽ هو هن وقت رائيچند راٺوڙ گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول چيلهار ۾ سنڌي ٻوليءَ جو سبيجڪٽ اسپيشلسٽ آهي. هو ٿري لوڪ گيتن، شاعري، تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل 10 سنڌي ڪتابن جو مصنف آهي، جڏهن ته ٿر جي امير ثقافتي ورثي کي ملڪي سطح تي متعارف ڪرائڻ لاءِ سندس ڪتاب “صحرا ڪي دوهي” جو پنجابي سميت ٻين ٻولين ۾ ترجمو پڻ ٿي چڪو آهي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button