سنڌي ادب: چيٽي چنڊ (مختصر ڪھاڻي)
ليکڪ: ذوالفقار ناصر ساريو

”امان. اڄ ڪجھ وڌيڪ ڏجان.“
ماسي ٺاڪُوءَ ماءُ کير جو ٿانو منهنجي امڙ ڏانهن وڌايو، جيڪا ڪجھ گهڙيون اڳ مينهن جي ڏهائي ڪري رڌڻي ۾ پهتي هئي.
”ڇو ماسي ، مهمان پيا اچن ڇا؟“ امڙ کير واري گهاگهر کي پاسي تي رکي، ڪپڙي سان ڍڪيندي کائنس پڇيو.
”ڪانتا ڌيءُ بہ اچي پئي . ٻيو تہ اڄ چيٽي چنڊ جي رات آهي. عيد بہ آهي تہ نئين سال جي شروعات بہ.“ چوندي اچي منهنجي ڏاڏيءَ واري کٽ تي ويٺي.
”ادي ڀلي آئينءَ.“ منهنجي ڏاڏيءَ، جنهن کي اسين امان ڪراڙي بہ سڏيندا آهيون، ناس جي چپٽي منهن ۾ رکندي کيس کٽ تي ويهڻ لاءِ رکيل سامان سوريندي، ڀليڪار ڪئي.
ماسي ٺاڪوءَ ماءُ منهنجي پاڙي ۾ رهندڙ آهي. سندس نالو تہ ڪنهن کي بہ خبر ناهي پر سندس پٽ ٺاڪُو مل جي نالي پٺيان کيس هر ڪو ٺاڪوءَ ماءُ ڪري سڏيندو آهي. ڏوهٽين ۽ پوٽين، ڏوهٽن ۽ پوٽن کي جهوليءَ ۾کيڏائيندي بہ هوءَ ڦڙت نظر ايندي آهي. نہ لٺ جي ٽيڪ نہ عينڪ جو آسرو. سادو کاڌو وت آهر. سوير سمهڻ سوير اٿڻ. پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ، نہ ڪنهن کي منٿ نہ ڪنهن ۾ آسرو. پنهنجي ريتن رسمن جي اهڙي ڄاڻو جو وڃي ٿيا خير. ڳڻپ جي ڳالھ هجي يا چنڊ ڏسڻيءَ ۾ سهڪار. سندس ڳالهيون ۽ چوڻيون مُنڊيءَ تي ٽِڪ جيان. شل نہ ڪو پاڙي ۾ بيمار ٿئي، هندو هجي يا مسلم، کيس ماسي ٺاڪو ماءُ سان ضرور ملڻو پوندو هو. اک ۾ ڪک پئجي وڃي، مهٽيو مهٽيو اک ڳاڙهي ٿيو وڃي، ڳاڙهي اک منجھ پنهنجي چيچ واري منڊي ٿڌي پاڻي ۾ ٻوڙي، اڀرندي ۽ لهندي سج کان اڳ اک ۾ گهمائيندس تہ اکيون اکين جهڙيون. نہ ڊاڪٽر نہ دوا. تپ ۾ ورتل کي ٽڪاڻي واري چودڳي تي وٺي وڃي، ڪکن جا تيلا دکائي، ساٺ ڪري، تپيل کي منهن گهر ڏانهن ڪرائيندي هئي. پوءِ اڀرندي ۽ لهندي سج جي اوٽ ۾ تپ وري موٽ نہ کائيندو هو … ويساھ جون ڳالهيون هيون بس. ويساھ ويو تہ سڀ ڪجھ ويو.
روز جيان اڄ بہ ماسي، سوير اٿي، ٽڪاڻي ۾ مٿو ٽيڪي، سائينءَ کي راضي ڪري پريوار جي پيٽ پوڄا لاء هٿ ۾ کير لاءِ ٿانو کڻي اچي پهتي هئي. منهنجي امڙ کي ڌيئرن جيان ڀائيندي آهي. هجت ۽ پنهنجائپ ۾ ڪا وٿي ڪونہ هوندي هئي. کائڻ پيئڻ ۾ بہ ڪو عار ڪونہ. هولي، ٿڌڙيءَ جا رنگ هجن يا چهرا مٺا لولا. عيد جون هٿ تي ٺهيل ڊگهيون ڊگهيون سنهيون سنئيون هجن يا وري چانورن جا چِلا، چاهت ۽ راحت ساڳي هوندي هئي .
سياري جا پارا ويا تہ وڻ بہ پن ڇڻ ۾ لٿل وڳا ويس نئين سر پهرڻ ۾ لڳي ويا … موسم ڇا رنگ مٽائڻ لڳي تہ مڇرن بہ پنهنجا ماڳ مٽائڻ شروع ڪيا.. ۽ پوءِ ماڻهن بہ ماڳ مٽائڻ شروع ڪري ڇڏيا، ڪمرن بجاءِ اڱڻ آباد ڪرڻ شروع ڪيا. اسان بہ بند هال ڇڏي اچي کليل ۽ وشال اڱڻ ۾ کٽون رکي خيما کوڙيا هئا. هال ۾ سج جي ڪرڻن جي ڪاھ ڪونہ هوندي هئي. جنهن ڪري ننڊ جي وادي پرسڪون هوندي هئي، پر هتي اڱڻ تي تہ توب جي سامهون هياسين تہ پوءِ سڪون ڪٿي؟ جاڳ کان پوء کٽولو ڇڏڻ ڏکيو هوندو هو. وري بہ شابس آهي اڱڻ ۾ بيٺل ٻير جي وڻ کي، جو ڍال بڻيو اسان جي سُسُتائپ کي سولو ڪندو هو . اسين ڀيڻ ڀائر بہ کٽن تي ليٽيا، ويٺا، رڌڻي ۾ رونق مچڻ تائين پيا ڳالهيون ڪندا هئا سين .
”ناني، اهو چيٽي چنڊ ڇا آهي؟“ منهنجي ڀيڻ کائنس آخر پڇي ورتو.
”ڌيءُ. اهو اسان جي ڌرم ۽ هن سنڌ جي رھندڙ ماڻهن جو صديون پراڻو خاص ڏڻ آهي. هن ڏڻ کي صبح ڏيندڙ سج جڏهن ٿَڪُ ڀڃڻ لاءِ لھندو آهي تہ پوءِ چوڏس چنڊ پسڻ لڳندو آهي ۽ اهو چنڊ صرف اسان جي عيد نہ پر هتان جي ماڳن سان گڏ ٻنين ٻارن جي بہ سار سنڀال لهندو آهي. پوک پوکيءَ لاءِ انهن ڏينھن کي سانڍي رکبو آهي. هر مهينو ڪنهن نہ ڪنهن موسمي ۽ ثقافتي رنگن کي نکاريندو آهي ۽ ماڻهن جي ڏيتي ليتي، وڻج واپارکي سونهون ڪندو آهي. اسان جي جُڳن کان هلندڙ سالن جي ڪئلينڊر جو نالو آهي ۽ سندس پهريون مھينو چيٽ آهي. چيٽ جو چنڊ پسڻ کانپوءِ چيٽي چنڊ جو ڏينهن، سال جو پهريون ڏينهن هن راڄ ۾ رهندڙن لاء عيد جيان ھوندو آھي .“ ماسي ساهي پٽڻ لڳي. ڄاڻ ڀريون ڳالهيون ٻڌڻ کانپوء اسين سڀ سندس ويجھو وڃي ويٺاسين. امان ڪراڙي اسان کي ڏسي کلڻ لڳي .
”ناني، جنوري فبروري جيان هن ۾ بہ 12 مھينا ھوندا آھن؟ “ اسين اتاولا ٿي کائنس پڇڻ لڳاسين .
”ها راڻي، جيئن اسلامي ڪئلينڊر هجري هوندو آهي، جيئن عيسائين جو عيسوي تہ هن ڌرتيءَ جي لوڪن جو وري سنڌو سنبت ڪئلينڊر سڏبو آهي. سنڌو ننگري تہ وشال هئي، سنڌ هند جي سنڌين کي تہ ڇڏيو پر ڪيرالا، آسام، برما، مانيپور، مهاراشٽر، اڙيسا، بنگال، پنجاب، سريلنڪا، ٿائلينڊ، پنجاب، تامل ناڊو جي ھر واهڻ وستين ۾ بہ پوک پوکي ۽ خوشين جو ڏڻ هن ڪئلينڊر سان شروع ٿيندو آهي. چيٽ ( مارچ اپريل)، ويساک ( اپريل مئي)، ڄيٺ (مئي جون)، آکاڻ (جون جولاءِ) ، ساوڻ (جولاءِ آگسٽ)، بَڊو( آگسٽ سيپٽمبر)، اَسُو(سيپٽمبر آڪٽوبر)، ڪَتي( آڪٽوبر نومبر)، نھري (نومبر ڊسمبر)، پوھ( ڊسمبرجنوري)، مانگھ (جنوري فبروري) ۽ ڦڳڻ (فبروري مارچ) نالي ٻارنهن مهينا سڏجن. هينئر 2026ع ۽ 1447ھ جيان هي سنڌو سنبت ڪئلينڊر 1400س سڏجي ٿو.“ منهنجي ٽيون نمبر ڀيڻ ڊوڙندي وڃي ڪاپي ۽ پين کڻي آئي ۽ اهي مھينا ۽ نئين سال واري ڪئلينڊر جو نالو کائنس پڇي، ڪاپيءَ تي لکڻ لڳي… ۽ ماسي ٺاڪوءَ ماءُ کيس هڪ هڪ مهينو ٻيهر ٻڌائي، لکرائڻ لڳي .
”امان جلدي هل، ادڙو سائينءَ تي پيو وڃي. “ سندس پوٽو ڊوڙندو اچي پهتو هو ۽ کيس ڪپڙن کان ڇڪڻ لڳو .
”ناني. ڪهڙي سائينءَ تي؟“ ڀيڻ کائنس پڇي ورتو. ماسيءَ ننڍڙي کي چيو تہ تون هل مان اچان ٿي .
”امان. هي اسان جو سائين اڏيرو لال آهي، جنهن کي جهولي لال بہ چوندا آهن. پار واري حيدرآباد لڳ نصرپور ۾ سندس آستانو آهي. هن سائينءَ بہ چيٽي چنڊ واري سڀاڳي ڏڻ تي جنم ورتو هو. هن ڏينهن تي اسين سڀ سنڌي وڃي سندس اڱڻ تي خوشيون ملهائيندا آهيون. راڳ، ڀڄن، لوڪ ۽ ڌرمي گيتن تي ڪلا جا رنگ نکري پوندا آهن. اسان جو ڌرمي هندو ٽپڻو بہ آهي جيئن اوهان جي جنتري هوندي آهي نہ، ايئن. اها بہ هن سنڌو سنبت جي سُونهي آهي. آڳاٽي وقت ڌرم بعد ۾ هوندو هو. ٻولي ساڳي، ويس وڳا ساڳا، پنهنجائپ ساڳي، ماڳ مڪان ساڳا تہ پوءِ دُوري ڪهڙي، خوشين جا رنگ ۽ ڏڻ بہ ساڳيا ھوندا ھئا… بس امان هاڻي تہ..“ ماسي گذريل ۽ گذاريل پلن منجھ وڃي، اٻاڻڪي ٿي وئي .
”ناني. سائين جهولي لال لاءِ ٻڌايو پيا تہ..“ ننڍڙي ڀيڻ جو ڌيان ڏسي، ھُوءَ ٻڌائڻ لڳي:
”امان سال گذري ويا آهن انهيءَ ڪهاڻيءَ کي. ٻڌائيندا آهن تہ ميرڪ شاھ نالي ڪو راڄ ڌڻي هوندو هو. امان ڏاڍو ظالم. امان ڏاڍو پاپي ( ماسي ڪنن تي هٿ هڻڻ لڳي) .. پوءِ ماڻهن سنڌو درياھ لڳ وڃي روزو رکيو. اسان انهي کي ورت سڏيندا آهيون. هڪ نہ ٻ، پورو چاليهو. پوءِ انهن ڏينھن ۾ سائين ڄائو. اسان جا ڀڳت ٻڌائيندا آهن تہ سنسڪرت ٻوليءَ مان هڪ پنجابي جوتشي ” اڏير “ معني پاڻيءَ مان نڪرندڙ نالو چونڊي کيس اڏيرو سڏڻ لڳا.. امان کي چوان، سائينءَ جو پينگهو پاڻهي پيو اڏندو ۽ جهولندو هو. نڀاڳي ميرڪ شاھ جا ماڻهو کيس پڪڙڻ لاء آيا پر سائينءَ جي ماڙيءَ واري بيٺڪ ۾ پاڻي ڀرجي ويو ۽ سائين ويٺو جهولي. نيٺ ميرڪ شاھ کي شرم پيو۽ سائينءَ مان هٿ ڪڍيائين. جهولي لال بہ کيس انهي ڪري چوندا آهن. سائين سڀ جو آهي. مسلمان بہ جام اچن . هو سائينءَ کي شيخ طاهر سڏين. امان ڇيڄ ڏسين تہ چوين مان بہ وڃين بيھان .“
”ناني. وري ڇيڄ ڇا آهي؟.“ ڀيڻ جو تجسس وڌندو ويو.
”امان هي ٺيٺ سنڌي ناچ جو قسم آهي. خوشين واري ڏڻ تي گهٽ ۾ گهٽ ست ناريون گڏجي، گول دائرو ٺاهي، هٿ هيٺ مٿي ڪري نچنديون آهن … پوءِ تہ ڌيءُ روح مان سٽون اڀرڻ لڳنديون آهن. ڪُنڊ ۾ ويٺي ويٺي بہ هٿ لڏڻ لڳندا آهن .“
”ماسي. هنن جون ڳالهيون ڪونہ کٽنديون. اچي هي کير وٺ. ڏيڍ سير کن مٿي اٿئي. ڪاڪي چندو مل مائي واري سان بہ ٿيت ٿيل آهي. گهٽ ڏيندي مانس تہ وري ٿيت ٽوڙي ڇڏيندو .“ امان اچي اسان جي ڳالهين ۾ رخنو وڌو. مائي واري دوڪان جي کير واري گهاگهر مونکي ڏنائين تہ وڃي جلدي ڏئي اچان . ماسي ٺاڪوءَ ماءُ جي دل بہ نہ پئي چئي تہ هي رهاڻ ڇڏي وڃان.
اوچتو دروازي تي شرنائيءَ جو سُرُ سڏ ڪرڻ لڳو. هٿن ۾ سرنهن جا سندر ۽ پيلا گل جهلي مڱڻهار فقير در در وڃي بهار جي خوشين جو سڏ ڏئي رھيا ھئا. مڱڻھار گل ڏئي دان وٺي روانا ٿيا … ۽ پوءِ امان ۽ امان ڪراڙيءَ جون رڙيون هجن.
”ٻارو کٽون ڀڃندوُ ڇا ؟ ھيٺ لهھو .“
پر اڄ تہ چيٽي چنڊ هو. عيد جو ڏينهن هو. نئين سال جو ڏينهن پوءِ ڇو نہ ٻار هٿن ۾ هٿ ڏئي، سرنهن جا سُندر پيلا گل جهلي ڇيڄ ڇيڙين ۽ جهولي لال چوندي کٽن تي جهومن.
__________

ذوالفقار ناصر ساريو، حيدرآباد



