Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

خيرپور ۾ ڪھاڻي ڪتاب ”پِرينءَ گھاٽ“ جي مھورت

ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ صحافي نظير شھزاد جي ڪھاڻي ڪتاب جي مھورت سندس 33 ھين ورسيءَ جي موقعي تي ڪئي وئي.

خيرپور

گذريل ڏينھن ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ صحافي نظير شھزاد جي 33 ھين ورسيءَ جي موقعي تي سندس ڪھاڻي ڪتاب ”پِرينءَ گھاٽ“ جي پڻ مھورت ڪئي وئي، جيڪو راحيل بڙديءَ مرتب ڪيو آھي.

نظير شھزاد ادبي فورم ۽ پوپٽ پبلشنگ ھائوس جي گڏيل سھڪار سان سنڌ چلڊرينس اڪيڊمي خيرپور ۾ ھيءَ تقريب ڪوٺائي وئي ھئي جنھن ۾ صدارتي تقرير ڪندي شاعر ۽ براڊڪاسٽر مختيار ملڪ چيو تہ نظير شھزاد ادب ۽ صحافت جي دنيا جو روشن ستارو ھيو جيڪو جوانيءَ ۾ جدا ٿي ويو.

مختيار ملڪ چيو تہ خيرپور کان سکر ۽ ڳوٺ الھداد بڙديءَ تائين نظير سان ساٿ رھيو. سندس وڇوڙو ھڪ گهاءَ وانگر ھيو. ھُو جذباتي ھيو، پر منافق نہ ھيو. سندس ڪھاڻيون فن جو خوبصورت نمونو آھن. ھن غير روايتي صحافت ڪئي.

خيرپور جي مشاعري ۾ ھڪ يادگار تصوير

سفرنامہ نگار قربان منگيءَ چيو تہ نظير شھزاد ھڪ متحرڪ ۽ پروقار ادبي ڪردار ھيو. 1979ع ۾ خيرپور ۾ خادم سنڌيءَ ھڪ مشاعرو ڪرايو، جنهن جي صدارت استاد بخاريءَ ڪئي، تنهن ۾ بہ نظير شعر پڙھيو ھو.

نامياري شاعر سجاد ميراڻيءَ چيو تہ نظير پريالوءِ جي ادبي باغ جو ھڪ مھڪندڙ گل ھيو. شڪيل پريالويءَ سان سندس جوڙ ھوندو ھو. سندس ڳوٺ پريالوءِ جي پاسي ۾ آھي.

شاعر حبيب ساجد چيو تہ نظير سڀني وصفين ھڪ آرٽسٽ لڳندو ھو. ”پرينءَ گهاٽ“ سندس شاھڪار ڪھاڻي آھي. ھن صحافت جي دنيا ۾ سنڌ دوست ۽ سماج دوست ڪردار ادا ڪيو.

ڪھاڻيڪار ڊاڪٽر اعجاز سمون چيو تہ نظير جو وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر نظام بڙدي چانڊڪا ۾ ساڻن گڏ پڙھندو ھو، نظير وٽس ھاسٽل تي آيو ھو تہ ساڻس ھڪ خوبصورت ياد جھڙي ڪچھري ٿي ھئي.

ليکڪ غني مھر چيو تہ سنڌي ادبي سنگت سکر ۾ نظير سان ھڪ طويل ادبي ساٿ رھيو. ھو مڻيادار دوست ھيو.

نظير شھزاد جي ڀاءُ مرتضي بڙديءَ چيو تہ، نظير ڳوٺ جي عام ماڻھن جي اکين جو تارو ھوندو ھو. ھو حساس، ذھين ۽ محبت ڪندڙ انسان ھو.

تقريب کي ڊاڪٽر ابراھيم کرل، امراقبال، حبدار جاگيراڻي، خواجہ ذوالفقار، ضمير لاشاري، جوش جلباڻي، ڊاڪٽر عرفان منگي ۽ ٻين بہ خطاب ڪيو. نامياري راڳي شريف عباسيءَ نظير شھزاد جو غزل جهونگاريو. شاعر روشن شيخ اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرض نڀايا. نظير شھزاد لٽرري فورم جي چيئرمين راحيل بڙديءَ آجياڻو پيش ڪيو.

تقريب ۾ پروفيسر خالق جتوئي، ايڊوڪيٽ غلام مھدي بڙدي، ياسين جوڻيجو، سيد جمن شاھہ، آزاد انصاري، خالد فاروقي، منظور خاموش، تاج سروھي، فقير ڦليو، فرحت ڦلپوٽو، ساگر صفي الله شر، يوسف ڪڙيو،  گلبانو ٻرڙو، سيلاج ملڪ، عبدالحليم، تسليم احمد، ڪاشف بڙدي، اشفاق احمد، احسن رضا، مظفر بڙدي، ظھير علي، وسيم حسين، ڊاڪٽر توثيق حيدر، حمزہ علي، ناد علي، انيس حيدر سميت علم، ادب، فن ۽ ثقافت سان لاڳاپيل مھمانن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

__________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button