ھماليائي ٻوڏ سبب ناياب مڇيون خطري ۾: ھماليائي دَيو سڏجندڙ مڇيون ٻوڏ ۾ وھي آيون
تِبت-نيپال سرحد تي گليشيئر ڦاٽڻ سبب آيل ٻوڏ رڳو طوفاني پاڻيءَ ۽ انفرااسٽرڪچر جي تباھيءَ تائين محدود ناهي، پر ھن سانحي انساني معاشري ۾ وڌندڙ اخلاقي بي حسي ۽ هماليائي خطي جي نازڪ ماحولياتي نظام تان به پردو هٽائي ڇڏيو آهي. هڪ طرف آفت متاثرين لاءِ قيامت بڻجي آئي، ٻئي پاسي لاشن مان زيور لاهڻ ۽ آفت کي “بزنس” بڻائڻ واري عمل انساني ضمير تي وڏا سوال اٿاريا آهن. “فش سرج” جهڙن غير معمولي قدرتي عملن ناياب حياتياتي سرمائي جي ناپيد ٿيڻ جا خطرا ظاهر ڪري ڇڏيا آهن.

مانٽرنگ ڊيسڪ
تِبت-نيپال سرحد تي گليشئر ڦاٽڻ سبب آيل ٻوڏ کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال ۾ انساني نفسيات، ماحولياتي تباهي ۽ سماجي بي حسيءَ جا دردناڪ منظر ڏسڻ ۾ آيا آھن. اھو سانحو ثابت ڪري ٿو ته قدرتي آفتون رُڳو عمارتن، پُلين، روڊ رستن ۽ ٻئي انفرااسٽرڪچر کي تباھ نہ ڪنديون آھن، پر اهي جاني نقصان سان گڏ انساني معاشري جي اخلاقي اوڻائين ۽ ماحولياتي خطرن کي پڻ وائکو ڪنديون آهن.
معاشري جي اخلاقي زوال جا ڪيترائي منظر اڳي اسان پنھنجي ملڪ ۽ سنڌ ۾ بہ ڏسي چُڪا آھيون، پر نيپال جي ھنن منظرن کي ڏسي سمجھي سگھجي ٿو تہ انسان جتي بہ اھي، جنھن بہ ملڪ يا خطي ۾ آھي، اُتي اھڙا ڪردار ضرور ملندا، جيڪي انساني لالچ ۽ بيحسيءَ جو مثال ھوندا آھن.
نيپال ۾ جيئن ئي گليشئر ڦاٽڻ سان آيل ٻوڏ ۾ مٿين علائقن مان جبلن تان وهي ايندڙ پاڻيءَ سان گڏ انسان ۽ سندن زندگيءَ جو سرمايو لڙهي آيو تہ ماڻھن لاشن جا ڪن وڍي انهن مان زيور لاهڻ شروع ڪيا.

ٻوڏ جي تيز وھڪري سان گڏ وهي آيل سامان، خاص طور گئس سلنڊرن ۽ ٻين شين کي حاصل ڪرڻ لاءِ پڻ مقامي آباديءَ ۾ جنون ڏسڻ ۾ آيو. انساني جانين جي ضايع ٿيڻ جي ماتم بدران مال غنيمت لُٽڻ جي طريقي اخلاقي قدرن تي سخت سواليا نشان اُٿاري ڇڏيا.
ھن ٻوڏ جي نتيجي ۾ هڪ حيرت انگيز ۽ غير معمولي قدرتي عمل “فش سرج” جي صورت ۾ ظاھر ٿيو. هماليا مان نڪرندڙ ندين جي مٿئين وهڪري ۾ اونھا قديم ۽ محفوظ واھڙ موجود هئا، جتي روشني ۽ عام انسان جو پهچڻ ناممڪن هو. ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڻيءَ جي دٻاءَ ۽ ملبي جي گڏ ٿيڻ سان اُھي واھڙ پوريءَ طرح تباھ ٿي ويا ۽ اُتي موجود ناياب مڇيون جهڙوڪ مھاشير Mahseer، باگھائڙ Goonch Catfish، ۽ باموس Eelجيڪي ڏهاڪن کان انهن اونھن واهڙن ۾ محفوظ هيون، پاڻيءَ جي تيز وهڪري سان گڏ هيٺ نيپال جي ميداني ندين ۾ وهي آيون.
انھن مڇين کي سندن وڏي سائيز جي ڪري نديءَ جا ديو سڏيو ويندو آھي . اينگلرز (شڪاري) انهن مڇين کي انهن جي سائيز، طاقت ۽ گيم فش هجڻ ڪري خاص اهميت ڏيندا آهن.

سالن کان مٿئين جبلن جي نه پهچندڙ علائقن ۾ محفوظ رهڻ ڪري اهي مڇيون پنهنجي قدرتي عمر پوري ڪري سائيز ۾ تمام وڏيون ٿي ويون هيون. ٻوڏ سان سندن قدرتي مسڪن تباهه ٿيڻ کانپوءِ هي نسل ناپيد ٿيڻ جي خطري ۾ آھي.
جتي جبلن تي سوين ماڻهو پنهنجن پيارن جا لاش ۽ گهر ڳولي رهيا هئا، اتي هيٺين علائقن جو نيپال نديءَ مان نڪرندڙ “ديو هئڪر مڇيون” پڪڙڻ جي خوشي ملائي رهيو هو. مقامي ماڻهو اتان نڪرندڙ مڇين کي پڪڙي، سڪائي “سُٽڪي” (خشڪ مڇي) جون سوکڙيون بڻائي رهيا آهن. آفت کي بزنس ۽ جشن جو وسيلو بڻائڻ واري عمل ثابت ڪيو ته “ڪنهن لاءِ قيامت، ته ڪنهن لاءِ جشن!”

تِبت-نيپال سرحد جي ٻوڏ رڳو نديءَ جي بي قابو ٿيڻ جو نالو ناهي، پر ماحولياتي تباھي، ۽ انساني ضمير جي بي حسيءَ جي نشاني پڻ آهي. جڏهن قدرتي توازن بگڙجي ٿو، ته نه صرف انسان پنهنجو وجود وڃائي ٿو پر قديم حياتياتي سرمايو به ختم ٿي وڃي ٿو. اڄ جنهن ماتم کان بي خبر ٿي هيٺيون علائقو جشن ملهائي رهيو آهي، اهو ياد رکڻ گهرجي ته قدرتي آفتن جو چڪر سڀني لاءِ هڪ جهڙو ئي تباھ ڪندڙ هوندو آهي.
تِبت واري پليٽو (Tibetan Plateau) ۽ نيپال جا هماليائي جبل، جن کي دنيا جو “ٽيون قطب” (Third Pole) پڻ چيو ويندو آهي، عالمي گرمي پڌ ۽ موسمي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقن مان هڪ آهن. هتي موجود گليشيئر، ندين جا سرچشما ۽ انتهائي حساس ماحولياتي نظام سڄي ڏکڻ ايشيا جي اربين ماڻهن جي زندگيءَ جا ضامن آهن.

هماليا جا گليشيئر دنيا جي ٻين خطن جي ڀيٽ ۾ تيزيءَ سان پگهرجي رهيا آهن. ان عمل جا ٻه خطرناڪ نتيجا سامهون اچن ٿا.
گليشيئرن جي پگهرڻ سان جبلن جي اوچائين تي پاڻيءَ جون وڏيون ڍنڍون ٺهي وڃن ٿيون. جڏهن گرمي پد وڌڻ يا غير معمولي برساتن جي ڪري انهن ڍنڍن ۾ پاڻيءَ جو دٻاءُ وڌي ٿو، ته انهن جا بند ٽٽي پون ٿا. ان جي نتيجي ۾ مٿئين وهڪري کان هيٺين علائقن ڏانهن تيز ترين ٻوڏ ۽ لکين ٽن ملبي جو وهڪرو هلي پوي ٿو، جيڪو رستي ۾ ايندڙ هر شئي کي تباھ ڪري ڇڏي ٿو.

پاڻيءَ سان گڏ ايندڙ ملبو نديءَ جي تهه (River Bed) ۾ جمع ٿي پوي ٿو، جنهن سان نديءَ جي پاڻي کڻڻ جي گنجائش گھٽجي وڃي ٿي. نتيجي طور، گهٽ برسات ۾ به پاڻي ٻاهر نڪري اچي ٿو ۽ نديون نوان رستا جوڙي آباديون تباھ ڪن ٿيون. نيپال ۽ تِبت ۾ نديءَ تي ٺهيل ڊيم، پلُون ۽ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ ملبي ۽ پاڻيءَ جي تيز لهرن جي ڪري مڪمل تباهي جو شڪار ٿين ٿا. نديءَ جي پاڻيءَ ۾ ملبي ۽ زهرِيلي مٽي ملڻ ڪري علائقي ۾ صاف پيئڻ جي پاڻيءَ جي شديد کوٽ پيدا ٿي پوي ٿي. شروعاتي طور گليشيئر تيز پگهرجڻ سان ٻوڏون اچن ٿيون، پر هڪ وڏي وقت کانپوءِ جڏهن گليشيئر ختم يا بنھ ننڍا ٿي ويندا، ته هماليائي ندين ۾ سوڪھڙي ۽ ڏڪار جا نوان سلسلا شروع ٿيندا.

تِبت ۽ نيپال جي هماليائي ندين ۾ ٻوڏن جا واقعا مقامي آفتون ناهن، پر اهي پوري ڏکڻ ايشيا ۾ موسمي توازن بگاڙجڻ جا خطري جا گھنڊ آهن. گليشيئرن جو تحفظ ۽ ماحولياتي پاليسين تي عالمي سطح تي عمل درآمد ئي هن حساس خطي کي مڪمل تباھيءَ کان بچائي سگهي ٿو.
__________



