انگريزي ناول ”آخري بينچ“: طبقاتي اڻبرابري ۽ مذھبي متڀيد خلاف فڪري آواز
شھيد ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجيءَ جي ميڊيا ھال ۾ سنڌ اڀياس اڪيڊميءَ طرفان پروفيسر وجيش ڪمار جي انگريزي ناول آخري بينچ جي مھورتي تقريب

رپورٽ: خاصخيلي لطيف راولاڻي
پروفييسر وجيش ڪمار جي انگريزي ناول The Last Bench ”آخري بينچ“ جي مھورتي تقريب انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي ۽ زيبسٽ جي سنڌ اڀياس اڪيڊمي جي سھڪار سان زيبسٽ جي ميڊيا ھال ۾ منعقد ٿي، جنھن جي صدارت سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي باني ۽ سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر سليمان شيخ ڪئي.
ناول ”آخري بينچ“ جي ڪھاڻي معاشري ۾ موجود طبقاتي فرق، مذھبي متڀيد ۽ ٻين سماجي مسئلن جي گرد گھمي ٿي. ليکڪ پروفيسر وجيش ڪمار پنھنجي ناول بابت ڳالھائيندي چيو ته ناول جو پلاٽ حقيقي واقعن تي ٻڌل آھي جيڪي سندس اکين آڏو رونما ٿيا. ايڪيھين صديءَ ۾ به سنڌ جي مختلف علائقن (خاص طور گھوٽڪي ۽ پنوعاقل) ۾ مذھبي متڀيد، مذھب جي جبري تبديليءَ ۽ سماجي متڀيد جا واقعا روز جو معمول آھن. ناول ۾ لطيف سائينءَ جي بيتن کي پس منظر طور شامل ڪيو ويو آھي.

تقريب ۾ مختلف اديبن ۽ سماجي اڳواڻن ناول جي موضوعاتي ۽ فني پاسن تي گفتگو ڪئي.
سماجي اڳواڻ ۽ اسڪالر مئڊم صدف ٿلھو ڪتاب تي ڳالھائيندي چيو ته فن جي ذريعي جذبن جو اظھارڪيو ويندو آھي ھر انسان ۾ ھڪ اندر جو انسان لڪل ھوندو آھي جيڪو ان جي فني صلاحيتن کي اجاگر ڪندو آھي اسان جي معاشري ۾ اسڪول جي ڪنھن ٻار کي سزا ڏيڻي ھجي ٿي ته ان کي ڪلاس ۾ آخري بينچ تي ويھاريو وڃي ٿو اھڙي ئي روئداد ھن ناول ۾ بيان ٿيل آھي . ھن چيو تہ معاشري ۾ اسان ڪجھ ڪرڻ چاھيون ٿا ته شاه جي فلسفي کي سمجھون .
فھيم نوناري ايڊوڪيٽ ۽ ليکڪ چيو ته ناول انسان دوستيءَ جو مظھر آھي. اسان جي سماج ۾ پاڻيءَ جهڙي قدرتي نعمت کي به ”مسلم“ ۽ ”غير مسلم“ جي نالي تي ورھايو وڃي ٿو. انسان آزاد پيدا ٿئي ٿو، پر بعد ۾ کيس مذھبن جي خانن ۾ جڪڙيو ويندو آھي.
رياض شاھد دايو، صدر، انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ، ناول کي تاريخ جو تسلسل قرار ڏيندي چيو ته ھن ۾ ٽن نسلن جي پيڙا بيان ٿيل آھي. ھن ناول جي موضوع کي ملڪ راج آنند جي ناول Untouchable ۽ ارون ڌتي راءِ جي ناول The God of Small Things سان ۽ مظلوم طبقتن جي استحصال سان تشبيھ ڏني، جتي بااثر وڏيرن ۽ پيرن جي پٺڀرائي سان جبري ريتون قائم آھن.
ميڊم انرا پنجواڻيءَ چيو تہ ھي ھڪ انسان جي سچي ڪھاڻي آھي جيڪا ناول جي روپ ۾ پيش ڪئي وئي آھي. دنيا ۾ جيڪي به جنگيون ٿيون آھن اھي گھڻي ڀاڱي مذھب جي نالي تي ٿيون آھن. رياست کي مذھب کان الڳ ڪرڻ جي ضرورت آھي سنڌ ۾ جيڪي طاقتور وڏيرا پير آھن اھي مذھب کي استعمال ڪري پنھنجا ذاتي فائدا کڻن ٿا. ميان مٺو جيڪو مذھب مٽائڻ جو مرڪز ٺھيل آھي ان جي پويان ڪير آھي؟ ڪانه ڪا اھڙي سامراجي قوت آھي جيڪا انھي نظام کي ھلائي ٿي .
رياض شيخ، ڊائريڪٽر، سنڌ اڀياس اڪيڊمي، چيو تہ ھي ناول جڳ مشھور ليکڪ اديب دانشور ڪرشن چندر جي ناول اڪ چادر ميلي سي سان مشابھت رکي ٿو. ناول ۾ ھندو سماج جي عڪاسي ٿيل آھي جو ان ۾ ھندوئن جي مختلف ذاتين جو ذڪر آھي، جيڪي برھمڻ شودر واري پتڀيد جي دائري ۾اڃان تائين جڪڙيل آھن. تاريخ تي نظر وجھنداسين ته معلوم ٿيندو ته جڏھن علي ڳڙه مسلم يونيورسٽي ٺھي ته ان جو وائس چانسلر ھندو ھو. اسان وٽ صدين کان مذھبي رسمون رواج رائج آھن جن کي ختم ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم آھي جن جا بنياد گھر ڪري ويا آھن .

ناصر سومرو چيو ته ناول ۾ فڪشن سان گڏ شاهه جي شاعري جو استعمال ليکڪ جي گهري مطالعي ۽ محنت جو ثبوت آھي. ھن چيو تہ ناول مذھبي مت ڀيد تي لکيل آھي.
ڊاڪٽر سليمان شيخ آجياڻي تقرير ۾ چيو ته سنڌ اڀياس اڪيڊمي سنڌي ادب ۽ قومي ورثي کي عالمي سطح تي روشناس ڪرائڻ لاءِ مسلسل ڪوششان آھي. پروگرام جي پڄاڻيءَ تي بہ ھُن شڪريو ادا ڪندي خوشگوار حيرت جو اظھار ڪيو ته سڀني مقررين ڪتاب جو گهرو مطالعو ڪري پنهنجا خيال پيش ڪيا. امين جويو ڪمپيئرنگ جا فرض انجام ڏنا. تقريب جي شروعات نعيم شاهه جي آواز ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي وائي سان ڪئي وئي.

تقريب ۾ سنڌي ادبي سنگت، انجمن ترقي پسند مصنفين، سينئر صحافين ۽ مختلف مڪتبہ فڪر سان تعلق رکندڙ ادب دوستن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. پروگرام جي انتظامن کي سنڀالڻ ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي جي اڳواڻن نعيم شيخ، لياقت عباسي ۽ لطيف راولاڻيءَ اھم ڪردار ادا ڪيو.
پروفيسر وجيش ڪمار جو ھن ناول کان اڳ ۾ به ھڪ ڪتاب اسڪيچز شايع ٿي چڪو آھي ۽ اڃان به پنج ناول فلسفي ۽ فڪر جي موضوع تي آھن جيڪي پڻ شايع ٿيندا .
____________




بھترين رپورٽ، شاندار پروگرام ڪرائڻ تي سنڌ اڀياس اڪيڊمي، زيبسٽ ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي چيپٽر کي کوڙ ساريون مبارڪون