نسيم کرل جون ڪھاڻيون سنڌي ادب ۾ جديد ڪلاسڪ جو درجو رکن ٿيون
ھُو ٻوليءَ جو وينجهار ۽ وڏو حقيقت نگار ڪھاڻيڪار ھو، جنھن زرعي ۽ صنعتي سماج جي موضوعن تي لازوال ڪھاڻيون لکيون.

خيرپور
نسيم کرل جون ڪھاڻيون سنڌي ادب ۾ جديد ڪلاسڪ جو درجو رکن ٿيون. ھُو ٻوليءَ جو وينجهار ۽ وڏو حقيقت نگار ڪھاڻيڪار ھو، جنھن زرعي ۽ صنعتي سماج جي موضوعن تي لازوال ڪھاڻيون لکيون.
اھڙن خيالن جو اظھار مختلف ساڃاھہ وندن ۽ اديبن سنڌي ڪھاڻيءَ جي امام نسيم کرل جي 48 ھين ورسيءَ جي تقريب ۽ ستين ڪھاڻي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. نسيم کرل يادگار ڪاميٽي خيرپور پاران، بينظير ڀٽو چيئر آديٽوريم لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ٿيل ورسي تقريب ۾ صدارتي تقرير ڪندي ڪھاڻيڪار مدد علي سنڌيءَ چيو تہ، نسيم کرل مختصر عمر ۾ مختصر ڪم ڪيو، پر سندس ڪم جي ڇاپ رھجي وئي.

خاص مھمان لطيف يونيورسٽيءَ خيرپور جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر يوسف خشڪ چيو تہ نسيم کرل جون ڪھاڻيون فني ۽ موضوعاتي حوالي سان عالمي سطح جون آھن. نسيم
کرل جي فرزند فيصل دارا کرل چيو تہ بابا جو لکڻ سان عشق ھو، ۽ ھن اھو عشق خوب نڀايو. نامياري شاعر تاج جويي چيو تہ نسيم کرل جو تخليقي ڪم اڌ صديءَ کان پوءِ بہ نئون ٿو محسوس ٿئي. نامياري شاعر ايازگل چيو تہ نسيم کرل سنڌ جي ٻھراڙيءَ ۽ شھري ماحول تي يادگار ڪھاڻيون لکيون آھن. نامياري شاعر ادل سومري چيو تہ نسيم کرل جون غيرافسانوي لکڻيون بہ ڪمال جون آھن. شاعر مختيار ملڪ چيو تہ نسيم کرل ڪردارن جي نفسيات جو وڏو ڄاڻو ھيو. ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ چيو تہ نسيم کرل ھر ڪھاڻي مڪمل رٿا ۽ محنت سان لکي. ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ چيو تہ نسيم کرل جون ڪھاڻيون فن جو اعليٰ نمونو آھن.

ان کان اڳ، ڪھاڻي ڪانفرنس جي صدارت پروفيسر سرور سيف ڪئي. فيصل دارا کرل، منظور بيدار، قربان منگي، ممتاز بخاري، ڊاڪٽر اعجاز سمون، محمد دين راڄڙي خاص مھمان ھيا. مختلف ڪھاڻيڪارن ڪھاڻيون پڙھيون، جن مان ھوش ڀٽي، تاج سروھي ۽ مير تقي عباس کي ترتيب وار پھريون، ٻيو ۽ ٽيون نسيم کرل ڪھاڻي ايوارڊ ڏنو ويو.

ڪھاڻي ڪتاب لکڻ جي مڃتا ۾ منور سراج، ڊاڪٽر احسان دانش، ڊاڪٽر اعجاز سمون ۽ مختيار چنا کي نسيم کرل ايوارڊ ڏنا ويا. صحافي مشتاق ٽانوري کي خاص ايوارڊ ڏنو ويو. ابراھيم کرل آجياڻو پيش ڪيو، احمد نسيم کرل مھربانيءَ جا ٻہ لفظ چيا. شريف عباسيءَ شروعات ۾ لطيف جي وائي جهونگاري. اسٽيج سيڪريٽري شاعر امرقبال رھيو. تقريب ڪوٺائڻ ۾ پوپٽ پبلشنگ ھائوس خيرپور ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ خيرپور بہ سھڪاري رھيا. علم، ادب، فن ۽ ثقافت سان لاڳاپيل مھمانن جي وڏي انگ ھن تقريب ۾ شرڪت ڪئي . (پريس رليز)
_________________



