Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياماحول

سنڌ ۾ موٽرويز: ڪرپشن ڪھاڻي، وفاق جي ٻہِ اکيائي ۽ جھنگلي جيوت دشمن رٿا

رِٿيل 4000 ڪلوميٽرن مان ساڍن ٽن ڏھاڪن اندر پنجاب ۽ خيبرپختونخواھ ۾ 2300 ڪلوميٽر موٽرويز تعمير ٿي چُڪا. سنڌ لاءِ رٿيل 957 ڪلوميٽرن مان فقط 126 ڪلوميٽر موٽروي تعمير ٿيو، اھو بہ ڪشمور کان سکر سيڪشن کي ملتان سان ڳنڍڻ لاءِ!

ڪراچي حيدرآباد موٽروي (ايم 9) غيرمعياري ھجڻ سبب رد. ھاڻي ڪراچيءَ کان ڄامشوري تائين 168 ڪلوميٽر نئون ايم 9 ٺھندو جيڪو کيرٿر نيشنل پارڪ جي وچان لنگھندو. فزيبلٽي ۽ ماحولياتي اڀياس نہ ٿيڻ جي باوجود ھن سال اڏاوت شروع ٿيندي. فنڊ بہ منظور ٿي ويا. سنڌ حڪومت اڳئي سموري زمين مفت ۾ وفاق کي ڏئي ڇڏي.

حيدرآباد سکر موٽروي ايم 6 ڪرپشن جي ور چڙھي. ھڪ پاسي زمين جي خردايءَ جا اربين رُپيا سنڌ جا ڪرپٽ ڪامورا کائي ويا تہ ٻئي پاسي  وفاق کي قرض نہ ملڻ سبب ڪم شروع نہ ٿير ۽ گذريل 8 سالن ۾ چار ڀيرا رٿا تي نظرثاني ڪئي وئي ۽ رٿا جي ڪٿيل لاڳت  165 ارب رُپين مان وڌي 395 ارب رُپيا ٿي وئي     

ڪراچي حيدرآباد موٽروي ايم 9 جنھن کي ٺڳيءَ سان اھو نالو ڏنو ويو، ۽ ڳرا ٽول ٽيڪس اُڳاڙيا ويا ۽ ھاڻي غير معياري ۽ ناڪام رٿا سبب ڳجھي نموني اُن کي واپس سُپر ھاءِ وي جو پُراڻو نالو ڏنپ ويو آھي

   نصير اعجاز

پاڪستان ۾ موٽرويز جو تصور 1990ع جي شروعاتي ڏهاڪي ۾ متعارف ٿيو، جڏهن حڪومت کي وڌندڙ آبادي، واپار ۽ صنعتي سرگرمين سان گڏ جديد روڊن جي ضرورت محسوس ٿي. انھيءَ رٿا ھيٺ ملڪ شروعاتي طور ڏھ موٽرويز تعمير ڪرڻ جو فيصلو ٿيو جن کي اڳتي ھلي سورھن موٽرويز ڪيو ويو ۽ انھن کي وڌائي 22 موٽرويز ڪرڻ لاءِ رٿابندي ھلي رھي آھي. سورھن موٽرويز جي رٿا ھيٺ ڪُل چار ھزار ڪلوميٽر موٽرويز تعمير ڪرڻا آھن جن مان سنڌ ۾ 957 ڪلوميٽر موٽرويز تعمير ٿيڻا ھئا. مُلڪ جو پھريون موٽروي پروجيڪٽ 1991 ۾ منظور ٿيو ۽ ٻئي سال انھيءَ تي عمل شروع ٿي ويو. پڙھندڙن کي حيرت ٿيندي تہ باوجود انھيءَ جي تہ سنڌ پنھنجي بندرگاھن جي ڪري ھن مُلڪ جي تجارت جو گيٽ آھي، جتان روزانو ھزارين ٽرڪون ۽ ٽريلر مال کڻي ٻين صوبن ڏانھن وڃن ٿا جن کي صوبي جي حد مان نڪرڻ لاءِ ست سئو ڪلوميٽرن جو فاصلو طئہ ڪرڻ ۾ ٻن کان ٽي ڏينھن لڳن ٿا، ۽ انھيءَ ڪري موٽرويز جي اڏاوت سنڌ کان شروع ڪري اڳتي وڌجي ھا، پر ڪم اُبتو شروع ڪيو ويو. نتيجي ۾ پنجاب ۽ خيبر پختونخواھ صوبن ۾ مجموعي طور 2300 ڪلوميٽر موٽرويز تعمير ٿي چُڪا آھن جڏھن تہ سنڌ اندر ٽن ڏھاڪن کان وڌيڪ عرصي ۾ڪشمور کان سکر تائين ڪُل 126 ڪلوميٽر موٽروي ٺھيو، ۽ باقي 831 ڪلوميٽر موٽرويز ٺھڻ جي انتظار ۾ آھن. ساڳي صورتحال بلوچستان ۾ آھي جتي 870 ڪلوميٽر موٽرويز ٺھڻ جي انتظار ۾ آھن.

واضح رھي تہ پهريون موٽروي، ايم-2 (اسلام آباد–لاهور موٽروي) 1992ع ۾ تڏھوڪي وزيراعظم نواز شريف جي دور ۾ تعمير ٿيڻ شروع ٿيو. هيءُ منصوبو ڏکڻ ڪوريا جي ڪمپني ڊائوو ڪارپوريشن جي مدد سان مڪمل ٿيو. ايم-2، 367 ڪلوميٽر ڊگهو آهي، جنھن جو 1997ع ۾ افتتاح ٿيو ۽ ڏکڻ ايشيا جو پهريون موٽروي بڻيو.

سنڌ لاءِ تجويز ڪيل موٽرويز ھن ريت آھن: ايم 5 ملتان کان سکر جنھن مان سنڌ وارو سيڪشن ڪشمور کان سکر 126 ڪلوميٽر موٽرويز ھيل تائين مڪمل ٿيو آھي؛ ايم 6 سکر کان حيدرآباد 306 ڪلوميٽرن جو موٽروي اڄ تائين رولي ۾ رھيو ۽ ڪم ئي شروع ڪو نہ ٿيو آھي؛ ايم 7 سنڌ سيڪشن دادوءَ کان ڀِت جبل اٽڪل 100 ڪلوميٽر، جنھن تي ڪم شروع ئي ڪونہ ٿيو آھي؛ ايم 8 سنڌ سيڪشن رتوديرو کان قُبو سعيد خان 64 ڪلوميٽر رستي کي موٽروي ۾ تبديل ڪونہ ڪيو ويو آھي؛ ايم 9 ڪراچي کان حيدرآباد 136 ڪلوميٽر جيڪو موٽروي جي معيار مطابق ڪونھي، جنھن کي نيشنل ھاءِ وي اٿارٽيءَ پاڻ ئي پنھنجي رڪارڊ ۾ واپس سُپر ھاءِ وي ڪيو آھي؛ ايم 10 ڪراچي ناردرن باءِ پاس جي ڊيگھ 57 ڪلوميٽر آھي جنھن کي پڻ موٽروي ۾ نہ بدلايو ويو آھي. دادوءَ کان حب تائين موٽروي ايم 7 بہ اڃان ڪاڳرن ۾ آھي.

کيرٿر نيشنل پارڪ مان تجوير ڪيل موٽروي جو مشيني ڏاھپ سان ٺاھيل فوٽو

ھاڻي ڪراچي کان حيدرآباد واري ھٿ ٺوڪئي موٽروي جي ناڪاميءَ کانپوءِ نيشنل ھاءِ وي اٿارٽيءَ ھڪ نئون موٽروي تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي. انھيءَ جي ڪُل ڊيگھ 168 ڪلوميٽر ھوندي. اھو موٽروي ناردرن باءِ پاس کان ٿيندو، جھنگلي جيوت جي تحفظ لاءِ عالمي سطح تي مڃيل نيشنل کيرٿر پارڪ جي وچ مان لنگھي ڄامشوري پاور پلانٽ وٽ وڃي ختم ٿي ايم 6 يعني سکر حيدرآباد موٽروي سان سنڌو درياھ تي ھڪ نئين پُل ذريعي وڃي ملندو.

معتبر سرڪاري ذريعن موجب انھيءَ متبادل يا نئين  ايم 9 جي اڏاوت ھلندڙ سال جي آخر ڌاري سيپٽمبر يا آڪٽوبر ۾ شروع ٿيندي. ڇرڪائيندڙ ۽ ڳڻتيءَ واري ڳالھ ھيءَ آھي تہ  سنڌ حڪومت ڪراچيءَ کان ڄامشوري تائين سموري زمين مفت ۾ وفاق کي ڏيڻ سان گڏ کيرٿر نيشنل پارڪ مان موٽروي ٺاھڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي ۽ وفاق انھيءَ لاءِ 268 ارب رُپين جي ويجھو فنڊ بہ منظور ڪري ڇڏيا آھن، جڏھن تہ ھن مھل تائين نہ انھيءَ موٽروي جي فزيبلٽي مڪمل ٿي آھي ۽ نہ ئي ماحولياتي اثرن بابت ڪو اڀياس ڪرايو ويو آھي.

ھڪ سرڪاري عملدار سان جڏھن ڳالھ ٻولھ ٿي تہ سندس چوڻ ھو تہ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ بہ نيشنل پارڪن جي وچ مان موٽرويز تعمير ٿيا آھن تنھنڪري سنڌ جي کيرٿر نيشنل پارڪ مان موٽروي ٺاھڻ ڪو مسئلو ڪونھي. ”پلان تحت انھيءَ موٽروي جي ھيٺان جھنگلي جيوت جي اچ وڃ لاءِ  ڏھن کان وڌيڪ ھنڌن تي لنگھ ٺاھيا ويندا،“ ھُن ٻُڌايو.   

متبادل ايم 9 جي اڏاوت لاءِ ٻن سالن جو مُدو مقرر ڪيو ويو آھي، پر جيئن سنڌ جي ٻين موٽرويز ۾ رولو پوڻ سبب وڌيڪ وقت لڳي رھيو آھي، تيئن امڪان آھي تہ ھن رٿا تي بہ ٻن سالن کان وڌيڪ وقت لڳندو. انھيءَ سموري عرصي ۾ نيشنل کيرٿر پارڪ جي جھنگلي جيوت مُتاثر ٿيندي ڇو تہ موٽروي تعمير ڪرڻ لاءِ ايترو ڊگھو عرصو ماڻھو ۽ مشينون ھلنديون ۽ پٿرائين علائقي جي ڪري بلاسٽنگ ۽ ڌماڪا ٿيندا. انھن سمورين ڳالھين جي باوجود نيشنل ھاءِ ويز اٿارٽي رِٿا تي عمل ڪرڻ چاھي ٿي.

سکر حيدرآباد موٽروي (ايم 6) جي ڪھاڻي ڪرپشن سان ڀريل آھي. ايم 6 تي ڪم شروع ٿيڻ کان گھڻو اڳ ئي وزيراعظم صاحب سنڌ اچي رسمي طور پيڙھ جي پٿر جي نقاب ڪشائي ڪري چُڪو ھو. تقريب سکر آءِ بي اَي ۾ ٿي پر، پر ان کي سکر ۽ حيدرآباد ۾ ٻہ متوازي هنڌ چونڊي علامتي طور انجام ڏنو ويو. بھرحال رٿا تي ڪم ڪونہ شروع ٿي. ھاڻي وري خير سان  اپريل يا مئي 2026 ۾ ڪم شروع ٿيڻ جو ٻُڌايو پيو وڃي.

ايڪنڪ ھن پروجيڪٽ جي پي سي ون چار دفعا منظور ڪري چڪي آھي. اصل پي سي-ون 17 جولاءِ 2020 تي منظور ٿي، جنهن جي ڪل لاڳت لڳ ڀڳ 165.7 ارب رپيا هئي۔ وري پهرين نظرثاني ٿيل پي سي-ون 26 مئي 2021 تي منظور ٿيي، جنهن ۾ ڪل لاڳت وڌائي لڳ ڀڳ 191.5 ارب رپيا ڪئي وئي هئي۔ ٻي نظرثاني ٿيل پي سي-ون 26 جولاءِ 2022 تي منظور ٿي، جنهن ۾ ڪل لاڳت اڃان بہ وڌائي لڳ ڀڳ 308.2 ارب رپيا ڪئي وئي۔ ٽين نظرثاني ٿيل پي سي-ون مئي 2025 ۾ ظاهر ٿيي، جنهن جي ڪل لاڳت لڳ ڀڳ 395.0 ارب رپيا هئي۔

پھرين پي سي ون تحت رٿا وقت سر نه ٺھڻ ڪري ملڪ کي 329 ارب روپين جو نقصان ٿي چڪو آھي. اھو پروجيڪٽ 2020 ۾ پھرين پي ون تي ٺھي ھا ته 165 ارب رُپين جو ھجي ھا جيڪو اڄ 395 ارب رُپين جو آھي، ۽ ممڪن آھي تہ اڃان اُن کي وڌايو وڃي.

ايم 6 لاءِ زمين حاصل ڪرڻ جو عمل شروعات کان ئي دير ۽ تڪرارن جو شڪار رهيو آهي. جيتوڻيڪ 2019–20 ۾ سروي ۽ نوٽيفڪيشن شروع ٿيا ۽ 2021 تائين جزوي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي وئي، پر 2022 جي آخر ۾ مٽياري ضلعي ۾ وڏو اسڪينڊل ظاھر ٿيو، جتي اربين رپين جا معاوضي جا فنڊ آفيسرن هڙپ ڪيا. هن بدعنوانيءَ واري ڪيس سبب گرفتارين، عدالتن ۾ ڪاررواين ۽ ادائگين جي معطلي سان سڄي عمل کي سخت ڌڪ رسيو. 2024 ۾ سنڌ حڪومت ٻيهر عمل شروع ڪيو ۽ 2025 جي وچ تائين وزيراعليٰ ضلعي وار حدف طئہ ڪندي حڪم ڏنو ته زمين حاصل ڪرڻ جو ڪم مڪمل ڪيو وڃي. قومي اسيمبلي ۽ لاڳاپيل ڪميٽين کي پڻ يقين ڏياريو ويو ته زمين جي منتقلي تعميراتي ڪم جي شروعات کان اڳ مڪمل ڪئي ويندي. اهڙيءَ ريت، ايم 6 لاءِ زمين حاصل ڪرڻ جو عمل سست رفتاري، بدانتظامي ۽ بدعنوانيءَ سان ڀريل رهيو، پر هاڻي وري ڪوششون جاري آهن ته عمل مڪمل ڪري رستو ٺيڪيدارن حوالي ڪيو وڃي.

ان رٿا لاءِ مختلف ڪمپنين BOT بنياد تي ڪم ڪرڻ جي خواھش ظاھر ڪئي ھئي، جنھن تحت موٽروي تعمير ڪري ھڪ مخصوص مُدت تائين پاڻ سنڀالي پوءِ حڪومت حوالي ڪن ھا. سال 2016_ 2017 ۾ چيني ۽ ڏکڻ ڪوريائي ڪمپنين دلچسپي ظاهر ڪئي. بعد ۾ ٺيڪو چائنا اسٽيٽ ڪنسٽرڪشن انجنيئرنگ ڪارپوريشن کي ڏنو ويو. سال 2022 ۾ وري پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (PPP) جي واڪ ۾ ٽيڪنو–CMC–ACC ڪنسورشيم کي سڀ کان فائديمند بولي ڏيندڙ قرار ڏنو ويو. سال 2023 ۾ هڪ اطالوي–پاڪستاني ڪنسورشيم سان معاهدو ٿيو پر مالي وسيلا مهيا نه ڪري سگهيا. سال 2025 ۾ بنا واڪ جي  ظاهر خان اينڊ برادرز (ZKB) طرفان SIFC ذريعي، ۽ ٽيڪنو انجنيئرنگ سروسز (TES) طرفان NAB ذريعي. آڇون آيون. ھن وقت تائين ڪل پنج اهم ادارن/ڪنسورشيمز M-6 منصوبي ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي.سال 2022ع ۾ هڪ معاهدو ايم/ ايس ٽيڪنو–سي ايم سي اٽلي–اي سي سي سان ڪيو ويو، پر مالي انتظام مڪمل نه ٿيڻ سبب ڊسمبر 2023 ۾ معاهدو ختم ڪيو ويو. ان کانپوءِ حڪومت منصوبو کي پنجن حصن ۾ ورهايو ته جيئن سيڙپ لاءِ وڌيڪ پرڪشش بڻائي سگهجي.

رستي ۾ هي موٽروي هيٺين شهرن ۽ علائقن مان گذرندو:ڄامشورو، ٽنڊو آدم، هالا، شهدادپور، نوابشاهه، مورو، نوشهروفيروز، محرابپور، خيرپور ۽ سکر.

ھن رٿا ۾ هي سهولتون شامل ھونديون: مکيه ڍانچا: سنڌو درياهه تي پل، 76 ڪينالن جون پليون، 19 اوورپاس، 6 فلاءِ اوور، 154 سب ويز، ۽ 136 چوپائي مال پار ڪرڻ لاءِ ڪريپس؛ 30 ٽول پلازا، 12 آرام گاهون، 10 سروس ايريا ۽ موٽروي پوليس جون عمارتون، انٽيليجنٽ ٽرانسپورٽ سسٽم (ITS)، هنگامي مرڪز، ڊرينيج ۽ حفاظتي ڪم. ڪُل ڊيگھ 306.28 ڪلوميٽر ھوندي جڏھن تہ  60 کان مٿي  ڪلوميٽر سروس روڊ ھوندا.

منصوبي جي سڀ کان وڏي رنڊڪ مالي انتظام رهيو آهي. موجوده منصوبو هڪ گڏيل مالي ماڊل آهي جنھن تي اسلامي ترقياتي بئنڪ  جي مالي مدد ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (PPP) ذريعي عمل ٿيڻو آھي. ھن وقت تائين ڪٿيل ڪل لاڳت 363.7 ارب رپيا آهي، جنهن مان حڪومت صرف 4.3 ارب رپيا ڏئي رهي آهي، باقي فنڊ پرائيويٽ سيڙپ ۽ بين الاقوامي قرضن مان ايندا. اصل ٽائيم لائين (2020–2024) 3.5 سال ھئي جڏھن تہ هاڻوڪي ٽائيم لائين 2026–2028 آھي ۽ مڪمل ٿيڻ جي اميد جُون 2028 ۾ آهي، يعني منصوبو لڳ ڀڳ 8 سال وٺي پورو ٿيندو.

چيو وڃي ٿو تہ ايم 6 جي تعمير سان اين-5 قومي شاهراهه تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽجي ويندو ۽ حادثن ۾ گهٽتائي ايندي، پر ڪجھ ماھرن جو چوڻ آھي تہ حيدرآباد سکر قومي شاھراھ جي پُوروڇوٽ ايم 6 جي تعمير لاءِ جيڪا زمين خريد ڪئي پئي وڃي اُھا زرعي ۽ زرخيز زمين آھي، جنھن کي موٽروي ۾ استعمال ڪرڻ سان سنڌ جي زراعت کي وڏو ڌڪ لڳندو. ماھرن موجب موٽروي لاءِ ھميشہ اھڙو علائقو چونڊيو ويندو آھي، جتي زراعت ۽ انساني آبادي نہ ھجي. ماھرن جو خيال ھو تہ ايم 6 لاءِ سنڌ جي اُڀرندي پاسي کان ٿر وارو علائقو وڌيڪ موزون ھو. 

مشيني ڏاھپ سان ٺاھيل فوٽو

انھيءَ سموري ڪٿا مان پڙھندڙن کي اندازو ٿي ويو ھوندو تہ موٽر وي جي نالي ۾ سنڌ اندر ڪھڙا ڪھڙا ڊراما ۽ اسڪينڊل ٿيندا رھيا آھن. مان آخر ۾ ڪجھ ڳالھين جو ورجاءُ ڪندي ٻُڌائيندس تہ ھڪ اسڪينڊل ته سکر حيدرآباد موٽروي رٿا وارو ھيو جنھن ۾ زمين جي خريداريءَ جي نالي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي ۽ نتيجي ۾ موٽروي رٿا رُلي وئي. پر ان کان اڳ نواز شريف واري وفاقي سرڪار سنڌ ۾ موٽروي رٿا جو ڊرامو رچايو ھو. ان ڊرامي ھيٺ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ واري سپر ھاءِ وي کي ٿورو خرچ ڪري شڪل بدلائي موٽروي جو نالو ڏنو ويو ھو. اھو سپر ھاءِ وي اڻويھ سئو ستر واري ڏهاڪي جي اوائل ۾ جُڙي راس ٿيو ھو جنھن جو معيار ايترو ته بھتر ھو جو ان تي سفر ڪندي ڪو لوڏو محسوس ڪونه ٿيندو ھو. پر موٽر وي جو ٺپو لڳل شاهراھ جو ڪو حال ئي ڪو نه ھو. ھٿ ٺوڪئي موٽر وي ٺھڻ دوران لکين گاڏين لاءِ ڪو متبادل رستو  ڪونہ ٺاھيو ويو، نتيجي ۾ اھي سموريون گاڏيون ھاءِ وي جي پاسن کان جھنگ مان ھلنديون رھيون. سياسي چالبازين جي ماھر نواز شريف ان ھٿ ٺوڪئي موٽروي جو افتتاح ڪم ھلندي اڌ ۾ئي ڪري ڇڏيو ھو. اھو موٽروي تہ ڪو نہ ھو پر ان کي موٽروي جو نالو ڏئي ڳرا ٽول ٽيڪس مڙھي ماڻھن کي ڦُريو ويو. نه سنڌ جي عوام ۾ سگھ ھئي ۽ نه ئي ٻن ڏهاڪن کان سنڌ تي راڄ ڪندڙ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۾ ڪو چاڙھو ھو جو وفاق ۽ انھيءَ جي اداري نيشنل ھاءِ وي اٿارٽيءَ جي پاليسين خلاف آواز اٿاري.

ھر ماڻھوءَ کي ڄاڻ ھئي ته ڪراچي حيدرآباد موٽروي دنيا جي موٽروي اصولن ۽ معيار ته ڇڏيو پر پاڪستان جي پنجاب ۽ ٻين علائقن ۾ تعمير ٿيل موٽر ويز جي معيار کان نہ رُڳو گھڻو ھيٺ ڪريل آھي بلڪ موٽروي جي ڪابه تقاضا پوري نٿو ڪري. سنڌ جي عوام ته گھڻيون ئي دانھون ڪيون پر ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا واري روايت موجب وفاق ڦرلٽ جاري رکي.  روزانو ھلندڙ ھزارين گاڏين کان موٽر وي جي نالي ۾ ڳاٽي ڀڳا ٽول ٽيڪس جي اوڳاڙي اڄ به جاري آهي.

 اھم ڳالھ اھڙي ٿي آھي جنھن کي عوام آڏو پڌرو ڪرڻ بدران نيشنل ھاءِ وي اٿارٽيءَ نھايت خاموشيءَ سان سنڌ سان ٺڳي ڪندي پنھنجي دستاويزن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد واري ان ھٿ ٺوڪئي موٽروي جو نالو پاڻ ئي بدلائي ان کي سپر ھاءِ وي ڪري ڇڏيو آهي. اٿارٽيءَ جي ذريعن موجب انھيءَ شاھراھ جي حيثيت واپس بدلائڻ پُٺيان ڪارڻ ھي آھن تہ اھا رٿا موٽر وي جي وصف مطابق يعني موٽر وي جي معيار مطابق ڪونہ ھئي، جنھن ۾ ٻنھي پاسي فينسنگ، سروس روڊ ۽ ٻين سھولتن جي اڏاوت شامل ھوندي آھي. انھيءَ رٿا جي ناڪاميءَ جو ڪارڻ ھيءُ ھو تہ ايم 9 جو نالو ڏنل سپر ھاوي جي ٻنھي پاسي پيٽرول پمپ ۽ ٻيون ڪمرشل اڏاوتون موجود ھيون جن کي ختم ڪرڻ ممڪن ڪونہ ھو. 

تنھنڪري ھاڻي سنڌ جو عوام ھوشياري وٺي تہ ڪراچي ۽ حيدرآباد اچڻ وڃڻ لاءِ گھران نڪرندڙ ماڻھو موٽروي تان نہ پر ھاءِ وي تان سفر ڪري رھيا آھن.  انھيءَ ڪري نہ رُڳو ڪراچي حيدرآباد سفر لاءِ ڳاٽي ڀڳا ٽيڪس ختم ڪرڻ لاءِ آواز اُٿاري پر سمورا 957  ڪلوميٽر موٽرويز وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ ڀرپور دٻاءُ وجھي. ھن وقت چئي سگھجي ٿو تہ سنڌ، ھن ملڪ جو اھڙو صوبو آھي جنھن ۾ ڪوبہ موٽروي ڪونھي.

_________________

نصير اعجاز ڪراچيءَ ۾ رھندڙ سينئر صحافي، اديب،محقق، سنڌيڪار ۽ شاعر آھي. سندس يارھن ڪتاب ڇپيل آھن

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button