Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سنڌ حڪومت ڪامريڊ سوڀي جو يادگار ٺاھڻ واري اعلان تي عمل نہ ڪيو  

موئن جي دڙي ڀرسان اباڻي ڳوٺ ٻنڊي ۾ يادگار، ڪميونٽي سينٽر ۽ خيراتي اسپتال تعمير ڪرائڻ لاءِ  ڳوٺاڻن پلاٽ ڏنو هو جنهن تي چار سال اڳ 10 لک روپيا خرچ ڪري شروعاتي ڪم ڪرايو ويو پر فنڊ نه هجڻ سبب اهو ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو

ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي يارھين ورسي اڄ سومر 8 ڊسمبر تي سندس گهر ۾ انتهائي سادگي سان ملهائي وئي

نمائندي وٽان

لاڙڪاڻو

سنڌ جي عاشق ۽ ڏاهي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي يارھين ورسي اڄ سومر 8 ڊسمبر تي سندس گهر ۾ انتهائي سادگي سان ملهائي وئي. انھيءَ موقعي تي سندس پُٽ نرمل داس چيو تہ ڪامريڊ سوڀي جي وڇوڙي کان پوءِ سنڌ حڪومت يادگار ٺاهڻ لاءِ جيڪي واعدا ۽ اعلان ڪيا انهن تي هن وقت تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي.

 ”موئن جو دڙو ڀرسان اباڻي ڳوٺ ٻنڊي ۾ يادگار، ڪميونٽي سينٽر ۽ خيراتي اسپتال تعمير ڪرائڻ لاءِ  ڳوٺاڻن ٻہ جريب پلاٽ ڏنو هو جنهن تي چار سال اڳ 10 لک روپيا خرچ ڪري شروعاتي ڪم ڪرايو ھيوسين پر فنڊ نه هجڻ سبب اهو ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو، اتي رکيل سامان چوري ٿي ويو آهي. ڪجهه دوستن تعميراتي ڪم ۾مالي مدد ڪرڻ جي خاطري ڪرائي پر اڄ تائين انهن ڪا به مالي مدد ناهي ڪئي،“ ھُن چيو.

نرمل داس چيو ته ھُو رٽائرڊ سرڪاري ملازم آهي ۽ پينشن جي رقم مان گهر هلائڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي، ته يادگار ۽ڪميونٽي سينٽر جو ڪم ڪٿان ڪرائي.

 اديب شاعر ڄام جمالي، ڪامريڊ جي ڳوٺائي ميرل ابڙو، ڊاڪٽر مير محمد شيخ ۽ ٻين پڻ ورسيءَ ۾ شرڪت ڪري، ڪامريڊ سوڀي جي مجسمي اڳيان گل رکي کيس ڀيٽا پيش ڪئي.

نرمل داس گيانچنداڻي چيو ته بابا اسان کان وسري ناهي سگهيو. ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ هو هميشه اسان سان گڏ آهي، هر سال بابا جي ورسي توڙي سالگره واري ڏينهن تي گهر ۾ سادگيءَ سان تقريب ڪوٺائي اسان ۽ سندس دوست ياد ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪندا آھيون.

اديب ڄام جمالي چيو ته ڪامريڊ سوڀو عظيم انسان هو جنهن جي عملي، ادبي، انقلابي، وطن پرستي ۽ انساني پرستيءَ وارو معيار تمام وڏو هو، هو عملي ڪم ڪندڙ ماڻهو هو. هن چيو ته ڪامريڊ ٽئگور جي علمي اداري شانتي نڪيتن ۾ ميوزڪ سکڻ ويو هو پر اتان انقلابي ٿي آيو. هو مذهبي متڀيد کان مٿاهون هو، سندس انسان دوستي اعلي پايي جي هئي. ڪامريڊ سڄي زندگي سماجي اخلاقيات تي پابند ٿي گذاري، هو هميشه پنهنجي زندگيءَ ۾ ٽن شين عورت، دولت ۽ شراب کان پري رهيو. وطن دوستي ۽ سنڌ پرستي سندس رڳ رڳ ۾ شامل هئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي سنڌ کي پنهنجي امڙ سڏيندو هو ۽ هن ساھ جي آخري گهڙيءَ تائين سنڌ نه ڇڏي.

ھُن چيو تہ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي اڄ به نئين نسل جي لاءِ وطن پرست توڙي انقلابي ۽ علمي شخصيت طور اتساھ جو ذريعو بڻيل آهي، افسوس آهي جو ثقافت کاتي سميت سرڪاري ادارن طرفان ڪامريڊ سوڀي جي ورسي ۽ سالگره وارن ڏينهن تي پروگرام منقعد ڪرڻ جي حوالي سان هميشه عدم دلچسپي رهي آهي. هن چيو ته ڪامريڊ سوڀي جهڙي شخصيت تي سنڌ سرڪار ۽ ثقافت کاتي کي پروگرام منعقد ڪرڻ گهرجن ته جيئن نوجوان نسل کي اتساھ ملي. هن چيو ڪامريڊ طبقاتي نظام ۽ اڻ برابري خلاف هيو، هن انسانن جي اهميت ۽ عزت برابري جي بنياد ڏيڻ لاءِ آخري ساه تائين جدوجهد ڪئي.

 مشهور شاعر ٽئگور کيس مين آف موئن جو دڙو جو لقب ڏنو، مان ڪامريڊ کي اسٽرانگ مين آف لاڙڪاڻو جو لقب ڏيندس ڇاڪاڻ ته ڪامريڊ پنهنجي انقلابي سوچ تي آخري گهڙيءَ تائين قائم رهيو ۽ ڪڏهن به سچائي ۽ ارڏائيءَ کان پاسيرو نه ٿيو.

ڪامريڊ جي ڳوٺ واسي ميرل ابڙو چيو ته ڪامريڊ جي قول ۽ فعل ۾ ڪڏهن به فرق نه رهيو. هو جيڪو چوندو هو ان تي پاڻ به عمل ڪري ڏيکاريندو هو، ڪامريڊ هميشه مذهب پرستيءَ کان پري رهيو ۽ سڄي عمر انسان دوستي کي اپنايو جنهن ڪري سمورا ڳوٺ واسي پنهنجو سمجهندا هيا، ڳوٺ جي ماڻهن کي ڪتاب پڙهائي علم ڏيندو هو ۽ غريبن جي مالي مدد ڪندو هو، منهجي مٿان هن جو محبت ۽ شفقت ڀريو هٿ رهيو، سندس وڇوڙو اسان لاءِ وڏو نقصان آهي، سندس انسان پرستيءَ جو مثال اهو هو جو ڳوٺ جي هڪ هاري ڪامريڊ جي ٻه جريب زمين تي قبضو ڪيو جنهن کي ڪامريڊ جي وڏي ڀاءُ ڪيول رام جيل بند ڪرايو پر ڪامريڊ سوڀي ان کي آزاد ڪرائي ٻئي جريب زمين جا سندس نالي ڪري ڇڏيا ته جيئن زمين کيڙي پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪري سگهي، ڪامريڊ کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي هو هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهندو.

___________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button