Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

امر جليل، جنھن سنڌي ادب ۾ ھڪ نئين فِڪري دنيا جو بنياد وڌو    

امر جليل سنڌي ادب جو اهو ليکڪ آهي، جنهن پنھنجي قلم سان لفظن کي فڪر بڻايو، فڪر کي احتجاج، ۽ احتجاج کي انسانيت جو پيغام ڏنو.

سندس ڪھاڻين ۾ انسان جي باطني بيچيني، معاشرتي ظلم ۽ فڪري غلاميءَ خلاف آواز اُڀري ٿو. هو پنھنجي ڪھاڻين ۾ ان سوال کي اجاگر ڪري ٿو ته انسان جي حقيقي آزادي ڪھڙي آهي ۽ سماج ان کان ڇو محروم آهي؟

مُشتاق ٽانوري

سکر ۾ ھڪ سنڌي ٽي وي چئنل جي لاءِ رپورٽنگ ڪرڻ دوران ان جي جاڙي شهر روهڙيءَ کي مون سدائين عقيدت ۽ احترام سان ڏٺو. لئنسڊائون پُل جي ڀر ۾ صدرالدين شاھ جي زيارت کان وٺي، بيدل ، بيڪس جي مرقد، وار مبارڪ سان گڏ روهڙيءَ جي ڇيڙي تي ڪربلا جي مظلوم امام حسين عليه السلام جي نالي سان منسوب ”ميدانِ ڪربلا“ جي زيارت مون لاءِ عقدت جو جھان رهيون آهن. انهن ڪارڻن سان گڏ هڪ ٻيو سبب به ته آهي روهڙيءَ سان پيار ۽ عقيدت جو ۽ اهو ھيءُ آهي تہ روهڙي سنڌي ادب جي سگھاري تخليقڪار امر جليل جي جنم ڀومي آهي. امر جليل، سنڌي ادب جي دنيا ۾ اهڙو نالو آهي، جنهن نه فقط پنهنجي نثر، ڪهاڻين، ۽ ڊرامن جي ذريعي هڪ نئين فڪري دنيا جو بنياد رکيو پر سنڌي سماج جي فڪر، درد ۽ حقيقت کي به هڪ نئين اظهار سان پيش ڪيو. امر جليل، پنهنجي تخليقي قوت، ذهني وسعت ۽ فڪري آزاديءَ سبب سنڌي ادب جي جديد دور جو روشن مُنارو بڻيو. امر جليل لفظن ۾ موسيقي پيدا ڪري ٿو ۽ جملي جي ترتيب ۾ اهڙو تال ملائي ٿو، جيڪو پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏي ٿو.

عبدالجليل ولد عبدالغني قاضي8 نومبر 1936ع تي روهڙيءَ ۾ ڄائو ۽ اڳتي هلي  سنڌي ٻوليءَ جو مشھور ڪھاڻيڪار، نثر نويس، ڪالم نگار ۽ ٽي ويءَ جو ڊرامانگار بڻيو. ابتدائي تعليم، ڪراچيءَ جي رتن تلاءُ پرائمري اسڪول کانپوءِ بي. اي. تائين تعليم نوابشاهه مان ورتائين. پوءِ ٻيھر ڪراچيءَ آيو ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان اقتصاديات ۽ هسٽري ۾ ايم. اي ڪئي. ڪراچي ۾ رهائش وقت هن ڪرڪيٽ جي رانديگر طور پنهنجو نالو ڪڍيو ۽ سندس ڪرڪيٽي جوڙ سنڌ جي نامياري آرٽسٽ ظفر ڪاظميءَ سان جُڙيو. لکڻ جو چاھ رکندڙ  امر جليل جي پهرين ڪهاڻي ”اندرا“  1956ع ۾ نوابشاهه مان نڪرندڙ رسالي ”ادا“ ۾ ڇپي. 1963ع ۾ سندس پھريون اسٽيج ڊرامو ”انسان“، ”نئشنل ٿيٽر، ڪراچيءَ ۾ پيش ڪيو ويو. ريڊيو لاءِ سندس لکيل پھريون ڊرامو ”درياءَ توتي دانھن“ 1967ع ۾ ”ريڊيو پاڪستان حيدرآباد“ تان نشر ٿيو. 1968ع ۾ سندس پھرين لکيل فلم ڪھاڻي ”نوري ڄام تماچي“ هئي. ”تنھنجون منھنجون ڳالهيون“ جي عنوان سان سندس پھريون اخباري ڪالم 4 مئي 1972ع کان ”روزاني هلال پاڪستان“ ۾ ڇپجڻ شروع ٿيو. سندس اردوءَ ۾ پھريون ڪالم ”ڪڇ سچ ڪڇ جهوٽ“ اپريل 1974ع ۾ هفتيوار ”الفتح“ ۾ ڇپيو. سندس ڪھاڻين جو پھريون مجموعو ”دل جي دنيا“ آهي، جيڪو پھريون دفعو 1968ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جا ڪيترائي ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن. اهو ڪتاب ٻين ٻولين ۾ به ترجمو ٿيو آهي. امر جليل کي ان ڪتاب تي ادبي انعام به مليل آهي. فلسفي، تاريخ، سياست ۽ ڪھاڻي جي موضوع تي امر جليل جا ٽيهارو کن ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾  دل جي دُنيا، جڏهن مان نه هوندس، تاريخ جو ڪفن، ٽيون وجود، منھنجو ڏس آسمان کان پڇو، رني ڪوٽ جو خزانو، جيجل ماءُ، امر جليل جون اوائلي ڪھاڻيون، چنڊ وسامي ويو، چيني ۽ چرٻٽ جون ڪھاڻيون، ادب ۽ سياست، سنڌ نامو، هيءَ منھنجي سنڌ ته ناهي، فدا حُسين ڦودني، ڌڻي بخش ڌني ۽ ڦندڻ جا ڪالم، سنڌو بقا مان فنا آهيان، آڏي پڇائن ۾، آتم ڪٿا، منھنجي نصيبن ۾ تون نه آهين، قانون جو ڪفن، نيٺ گونگي ڳالهايو، لهندڙ سج جي لام، سرد لاش جو سفر، تنهنجيون منهنجيون ڳالهيون، اندرا، ڪراڙو گدڙ، زوال جو عڪس، جمود، امر جليل جي سنڌو، تاريخ ڪا ڪفن، انڪار، اڪ دور ڪي ان ڪھي ڪھاني، لاشعور ڪي سرحد شامل آهن. سندس هر مجموعي جا ڪيترائي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. سندس ناول ”نيٺ گونگي ڳالهايو“،جون 10 هزار کان وڌيڪ ڪاپيون وڪرو ٿيون. سندس ڪھاڻين جو هڪ انگريزي ڪتاب ڀارت ۾ ڇپيو آهي.

Amar Jalil-TheAsiaN-2

امر جليل جي تحرير جو اسلوب نرالو، دلڪش ۽ بيحد اثرائتو آهي. سندس ٻولي سادي هوندي به معنائن سان ڀرپور آهي. هو روزمرهه جي ڳالهين کي اهڙي انداز ۾ پيش ڪري ٿو، جو پڙهندڙ پاڻ کي ان ڪهاڻيءَ جو حصو محسوس ڪري ٿو. امر جليل جي لکڻين جو بنيادي محور انساني وجود، ازلي جدوجهد، داخلي تڪرار ۽ سماجي نابرابري آهي. سندس ڪهاڻين ۾ انسان جي باطني بيچيني، معاشرتي ظلم ۽ فڪري غلاميءَ خلاف آواز اُڀري ٿو. هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ ان سوال کي اجاگر ڪري ٿو ته انسان جي حقيقي آزادي ڪهڙي آهي ۽ سماج ان کان ڇو محروم آهي؟ امر جليل رڳو ڪهاڻي نه لکي ٿو، پر هر ڪهاڻيءَ ۾ سماج سان هڪ فڪري بحث ڪري ٿو.

امر جليل پنھنجين تخليقن جي سلسلي ۾ ڪيترائي انعام، اعزاز ۽ ايوارڊ حاصل ڪري چڪو آهي. جن مان پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ، شاهه لطيف ايڪسيلينس ايوارڊ، پاڪستان رائيٽرس ايوارڊ، سنڌالاجي ايوارڊ، بيسٽ پلي آف ڊڪيڊ اوارڊ، ڪل ڀارت سنڌي ساهت سڀا نيشنل ايوارڊ خاص آهن. ماضيءَ ۾ پنھنجي انقلابي تحريرن سبب اڪثر ڪري حڪومت جي نظر ۾ معتوب رهيو آهي. امر جليل جو ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي ملازمت ڇڏڻ به ان سلسلي جي ڪڙي آهي، جتي پاڻ ريجنل مئنيجر هو. مشھور ’سھڻي‘ رسالو سندس ڪھاڻي ”سرد لاش جو سفر“ ڇپجڻ سبب، پابنديءَ هيٺ رهيو. سختين هوندي به امر لکڻ نه ڇڏيو.

 ٽي ويءَ تان سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ڊراما پڻ چڱي خاصي تعداد ۾ پيش ٿي چڪا اٿس. 27 سالن تائين اسلام آباد ۾ رهيو، جتي علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ جي ”انسٽيٽيوٽ آف ايڊيوڪيشنل ٽيڪنالاجيءَ“ جو باني ڊائريڪٽر رهيو. پاڻ ڪجهه وقت لاءِ انهيءَ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر به رهي چڪو آهي. انگريزي، اردو اخبارن ۾ مسلسل ڪالم لکندو رهيو آهي. 1997ع ۾ مختصر عرصي لاءِ سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جو چيئرمين به رهيو. اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرز جو ميمبر پڻ رهيو آهي، کيس سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران ”لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ“ ڏنو ويو آهي. 29 جون 2008ع تي شاهه لطيف چيئر ۽ ٻين ادارن پاران سندس مڃتا ۾ امر جليل جي لکڻين جي گولڊن جوبلي جي وڏي تقريب ڪراچيءَ ۾ ڪوٺائي جنھن ۾ سنڌ جي اڪثر ادارن کيس مڃتا شيلڊون ڏنيون. هاڻي مستقل طرح اسلام آباد ڇڏي، ڪراچيءَ جي ”ڪلفٽن“ جي علائقي ۾ رهائش پذير آهي ۽ سنڌ ٽي ويءَ تان ’ڪلاس روم‘ نالي پروگرام ڪري ٿو. سليم ميمڻ ”امر جليل نمبر“ جي نالي سان ۽ محقق مختيار احمد ملاح، امر جليل جي ادبي سفر تي هڪ ڪتاب ”هڪ ليکڪ جو تخليقي سفر“ جي نالي سان ترتيب ڏئي ڇپايو آهي.

امر جليل سنڌي ادب جو اهو ليکڪ آهي، جنهن پنهنجي قلم سان لفظن کي فڪر بڻايو، فڪر کي احتجاج، ۽ احتجاج کي انسانيت جو پيغام ڏنو. سندس لکڻين ۾ سچائيءَ جي چمڪ، فڪر جي گھرائي ۽ انساني درد جي تپش موجود آهي.امر جليل جو ادبي سفر سنڌي ٻوليءَ جي فخر جوڳو حصو آهي، جيڪو مستقبل لاءِ فڪري روشنيءَ جو سرچشمو بڻيل رهندو.

_____________________

Mushtaq Tanwri-TheasiaN

مشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button