نوجوانن جو گيت
يانگ مو چين جي هڪ اهم ليکڪا آهي. سندس ناول Song Of Youth جيڪو چين جي شاگرد جدوجھد تي لکيل آهي، هر دور جي انقلابين ۽ شاگرد تحريڪن جي لاءِ اُتساهه جو سبب رهيو آهي ۽ رهندو ايندو.
چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ جو ھڪ باب، ليکڪ جي ٿورن سان
يوسف سنڌي

هينئر چين وڏي ڳالهه آهي، سڄي دنيا جي مارڪيٽ کي چيني مصنوعات وڻ ويڙهيءَ جيان ويڙهجندي پئي وڃي، هونئن به چين ڪيترن ئي حوالن سان هڪ عجوبو آهي ۽ اهو عجوبو مائوزي تنگ ۽ سندس ڪامريڊ ساٿين ۽ پوءِ جي هم فڪر ڪامريڊن جي ڪري، چين جي گذريل هڪ صديءَ جي تاريخ عالمي تاريخ جو هڪ دلچسپ ۽ ڌيان جوڳو باب آهي. ڪروڙين انسان جاگيرداريت جون سَنگهرون ٽوڙي صنعتي سماج ۾ زندهه آهن، جنھن جي شڪل بھرحال سامراج جھڙي ڀوائتي ڪونهي. نظرياتي طور تي سوشلسٽ بلاڪ جي وکري وڃڻ جي باوجود چين جو هڪ سوشلسٽ نظام طور تي موجود هئڻ بذات خود هڪ انفراديت آهي، جنھن سوويت يونين جي مقابلي ۾ پاڻ کي بقا جي لاءِ وڌيڪ مناسب پاتو ۽ پنھنجي انڌي مَنڊي سوشلزم کي حتمي موت مرڻ نه ڏنو آهي، جيتوڻيڪ هن وقت ڪٿي ڪٿي چين جي ورتاءُ ۽ آمريڪا جي بدمعاشين ۾ فرق گهٽ ٿو نظر اچي. اڄوڪو چين ڪٿي ڪٿي عوام ۽ عوامي تحريڪ جي بدران بنياد پرست مارشل لا جو خدائي خدمتگار ٿو نظر اچي، پر پنھنجو موضوع اهو ڪونهي، پنھنجو موضوع ته ان انقلابي چين جي لاءِ جدوجھد جي دوران جنم وٺندڙ اهو ناول آهي، جيڪو ’يانگ مو‘ جو لکيل آهي، چين ۾ سياسي شعور ۽ جدوجھد جي حوالي سان چين جي ليجنڊ ليکڪن لوهسون، زوشي ۽ باجين جيان يانگ مو به هڪ اهم ليکڪا آهي ۽ ’يانگ مو‘ جون ناول Song Of Youth جيڪو چين جي شاگرد جدوجھد تي لکيل آهي، هر دور جي انقلابين ۽ شاگرد تحريڪن جي لاءِ اُتساهه جو سبب رهيو آهي ۽ رهندو ايندو.

محترم نجم عباسي پنھنجي ڪتاب ’ڪھاڻيءَ جو قافلو‘ ۾ لکي ٿو: ”جڏهن ڳالهائيندڙ ڄاڻ سُڃاڻ ڪرائيندي چيو ته هيءَ يانگ مو (Yang Mo) آهي ته عزت ۽ عقيدت منديءَ کان منھنجون اکيون آليون ٿي ويون، کوڙ سال اڳ تاج بلوچ مون کي هڪ چيني ناول Song Of Youth پڙهڻ لاءِ ڏنو هو، هي چيني قومي ۽ طبقاتي تحريڪ جو انقلابي ناول آهي، منھنجي ذهن ۾ ايترو ته ڄمي ويو هو، جو ان کي وڌيڪ کان وڌيڪ سمجهڻ جي لاءِ ٽي ڀيرا پڙهي چڪو هوس، ان جي لکندڙ جو نالو هو يانگ مو… ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ چيني ساهتڪارن جو هڪ ٽولو هتي آيو هو، مھراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۾ هنن کي آجياڻو ڏنو ويو هو، مان به ڪوٺ تي ويو هوس، ان چيني ٽولي جي اڳواڻ جي سڃاڻپ ڪرائيندي جڏهن رسول بخش پليجي چيو ته ”هيءَ جڳ مشھور ناول Song Of Youth جي ليکڪا آهي ته حيرت ۽ خوشيءَ کان منھنجون نظرون هن ۾ کُپي ويون. حيرت ان ڪري به لڳم جو نالي مان مون سمجهيو هو ته ”يانگ مو“ مرد هوندو، پر هيءَ ته عورت هئي، منھنجي ڪاٿي موجب هن جي عمر ستر سالن کان سَرس هئي، پنھنجي تقرير ۾ رسول بخش پليجي هن ناول جي ڳچ واکاڻ ڪئي، پوءِ جڏهن ان وقت جو سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري تقرير ڪرڻ آيو ته هن اعلان ڪيو ته ’يانگ مو‘ جي ناول ’نوجوانن جو گيت‘ جو بورڊ طرفان سنڌي ترجمو ڪرائي ڇپايو ويندو، ان تي ميڙ ۾ ويٺلن ساهتڪارن ۽ ٻين ڏاڍيون تاڙيون وڄايون، پر انهيءَ وقت ئي ويٺي ويٺي ويچاريو هوم ته سرڪاري يا نيم سرڪاري ادارن جي ذميوار آفيسرن جي جذباتي ۽ غير ذميداراڻي اعلانن جو توڙ ڇا ٿيندو آهي؟ (صفحو 47-46)“
سنڌي ادبي بورڊ ته ان وقت ان ناول جو سنڌي ترجمو ڪري نه ڇپرايو، پر گهڻو پوءِ جڏهن ان ناول جو اردوءَ ۾ ترجمو ”نوجوانون ڪا گيت“ جي نالي سان ٿيو، جيڪو ’غير ملڪي زبانن جي اشاعت گهر بيجنگ‘ مان ڇپجي هتي پھتو ۽ نوي واري ڏهاڪي ۾ محترم جعفر ميمڻ ان جو انتھائي اختصاريل سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ ڪنھن رسالي ۾ قسطوار ڇپجڻ کان پوءِ ڪتابي صورت ۾ پڻ ڇپيو، پر اهو سنڌي پڙهندڙن وٽ ڪا پذيرائي حاصل نه ڪري سگهيو.
”نوجوانن جو گيت“ يانگ مو، 1930ع واري ڏهاڪي ۾ پيڪنگ جي شاگردن جي مُحب وطن تحريڪ جي پسمنظر ۾ لکيو، جڏهن 1931ع ڌاري جپانين اُترينءَ چين تي قبضو ڪيو هو ۽ چين جي اڳوڻي شھنشاهه ’ڦو اي‘ جي اڳواڻي ۾ ’مانچوڪو‘ جي نالي سان ڪٺ پتلي حڪومت قائم ڪئي هئي. 1935ع ۾ جاپان جي قبضي جي خلاف مزاحمتي جنگ شروع ٿي وئي هئي ۽ هي ناول ان ئي دور جي ڪھاڻي آهي، جنھن جو پسمنظر بيان ڪندي ناول جي ليکڪا يانگ مو لکي ٿي، ”جن سالن جي هيءَ ڪھاڻي آهي، انهن ڏينھن ۾ آءٌ خود شاگردياڻي هُيس، پر تعليم جاري رکي نه سگهيس ۽ گذر سفر جي ڳولا ۾ به ناڪام رهيس، اهو منھنجو ذاتي تجربو آهي ته انهن ڏينھن چين جا دانشور سخت تڪليفن کي مُنھن ڏيئي رهيا هئا ۽ نوجوانن جي لاءِ ان کان سواءِ ٻي ڪابه واهه ئي نه هئي ته هو ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ساٿ ڏين ۽ انقلاب ۾ شريڪ ٿين، اها ڳالهه ذهن ۾ رکي مون ”لين تائو چنگ“ جو ڪردار تخليق ڪيو، هيءَ ڪھاڻي پراڻي سماج جي خلاف هڪ نوجوان دانشور جي احتجاج جو آواز آهي.“

ناول جو هيرو، ’لين تائو چنگ‘ نه رڳو يونيورسٽيءَ ۾ دانشوراڻن بحثن ۾ حصو ٿو وٺي، پر شاگرد جدوجھد جي قيادت به ڪري ٿو، هو پنھنجي ساٿين سان گڏ ڪومنتانگ جي ظلمن جي خلاف احتجاجي مظاهرا منظم به ڪري ٿو ۽ تحريڪ ۾ گهڙي ايندڙ موقعي پرستن ۽ جاسوسن جي چالن ۽ بدمعاشين کي پڻ مُنھن ٽوڙ جواب ڏي ٿو، حڪومت شاگرد سياست کي هائيجيڪ ڪرڻ ۽ ناڪام ڪرڻ لاءِ ڪھڙا حربا ٿي هلائي ۽ شاگرد قيادت انهن کي ڪيئن ٿي منھن ڏي، ليکڪا ’يانگ مو‘ اهو سڀ ڪجهه اهڙي ته سُھڻي نموني لکيو آهي جو ناول هڪ ڀيرو هٿ ۾ کڻڻ کانپوءِ ڇڏڻ تي دل ئي نٿي چوي. ويجهڙ ۾ جڏهن مون اهو ناول جڏهن ٻيھر پنھنجي لائبريري مان کڻي پڙهيو ته مون کي خيال آيو ته اهڙيون جدوجھدون ته سُنڌ ۾ به هليون آهن، پر افسوس جو انهن کي فڪشن واري انداز ۾ نه لکيو ويو آهي، چوٿين مارچ جي تحريڪ جي حوالي سان ڪجهه ڪھاڻيون ته لکيل آهن، پر ڪو ناول ڪونهي.
”نوجوانن جو گيت“ جي ليکڪا ’يانگ مو‘ 25 آگسٽ 1914ع ۾ پيڪنگ ۾ ڄائي، مڊل پاس ڪرڻ کان پوءِ پرائمري اسڪول ۾ ماسترياڻي به ٿي رهي ۽ پيڪنگ يونيورسٽيءَ مان ’آف ڪئمپس شاگردياڻي‘ جي حيثيت سان تعليم حاصل ڪيائين، جاپان جي خلاف مزاحمتي جنگ شروع ٿي ته ان ۾ حصو ورتائين. هوءَ ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن جي ايڊيٽر ۽ ڪيترن ئي سرڪاري عھدن تي پڻ رهي. يانگ مو 1934ع ۾ لکڻ شروع ڪيو، ’نوجوانن جو گيت‘ سندس پھريون ناول هو، جيڪو 1958ع ۾ ڇپيو ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيو ۽ گهڻي مقبوليت ماڻيائين.
يانگ مو جي ان ناول تي 1959ع ۾ پھريون ڀيرو فلم ٺھي، جنھن کان پوءِ اهو ناول ڪيترائي ڀيرا فلمائجي چڪو آهي.
يانگ مو جا ٻيا ڪتاب هن ريت آهن.
1. My Physicin (1969)
2. Temant (1963)
3. The Red Morning star lily (1964)
4. The Best song in Her prime (1986)
يانگ مو، 11 ڊسمبر 1995ع ۾ بيجنگ ۾ وفات ڪئي.
__________________
يوسف سنڌي نالي وارو ليکڪ، ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق، ھن وقت چين ۾ اھي



