ھڪ وڌيڪ ٻار بي رحميءَ سان قتل: سنڌ جي ٻارن سان ڇا ٿي رهيو آهي؟
آءِ بي اي جي نگرانيءَ هيٺ هلندڙ مانٽيسري اسڪول جي شاگرد عمر لاشاريءَ جي قتل کي پنج ڏينهن گذري چڪا آهن. ٻار سان جنسي زيادتي ٿيڻ جو پڻ انڪشاف ٿيو آهي. کيس شراب پيئارڻ سان گڏ نشيدار شيون به استعمال ڪرائڻ جا الزام سامهون آيا آهن.

يونيسيف جي رپورٽ موجب، 21 ملڪن ۾ صرف هڪ سال دوران ٻن ڪروڙ ٻارن کي جنسي استحصال جو شڪار بڻايو ويو. ڏيڍ ڪروڙ ٻارن کي سندن مرضيءَ خلاف جنسي مواد ڏسڻ تي مجبور ڪيو ويو، 90 لک ٻارن کي جنسي گفتگو ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ سان گڏوگڏ سندن ذاتي تصويرون شيئر ڪرڻ لاءِ چيو ويو، جڏهن ته 40 لک ٻارن جون تصويرون سندن اجازت کانسواءِ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون ويون. صرف پاڪستان ۾ 12 کان 17 سالن جي عمر وارن انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ ٻارن مان تقريباً هر 16 مان هڪ ٻار کي هڪ سال دوران ٽيڪنالاجي ذريعي جنسي استحصال ۽ بدسلوڪي جو منهن ڏسڻو پيو آھي .
نسيم بخاري
آءِ بي اي جي نگرانيءَ هيٺ هلندڙ مانٽيسري اسڪول جي شاگرد عمر لاشاريءَ جي قتل کي پنج ڏينهن گذري چڪا آهن، پر اڃان تائين اهي حقيقتون سامهون نه اچي سگهيون آهن، جيڪي منظرعام تي اچڻ گهرجن ها. پوليس هڪ گرفتاري ضرور ڪئي آهي. گرفتار جوابدار جي نشاندهيءَ تي وڌيڪ ٻن جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويو، پر انهن کي شخصي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو. پهرين گرفتار جوابدار کي ٿاڻي تي ملندڙ ”مهرباني“ ۽ مهمانيءَ بابت به آڱريون کڄي رهيون آهن. ڪيس جو اڃان تائين داخل نه ٿيڻ پڻ هڪ وڏو سوال بڻجي ويو آهي.
شڪارپور جي ٿاڻي لکي در جي حد جيمخانا نيو فوجداري روڊ تي جوابدار بيهوش عمر لاشاريءَ کي ڇڏي وڃن ٿا. ان کان پوءِ هڪ ھمراھ بيهوش عمر لاشاريءَ کي آر بي يو ٽي اسپتال پهچائي ٿو. اسپتال جو عملو وڏي ڪوشش ڪري ٿو ته عمر لاشاري ولد اشفاق احمد جي حياتي بچائي سگهجي، پر آخرڪار سندس ساهن جي تند ٽٽي پئي ٿي.
عمر جي معصوم شڪل ۽ شخصيت سندس خاندان لاءِ ته هڪ وڏو سانحو ۽ صدمو ثابت ٿي، پر جنهن جنهن ماڻهوءَ کيس ڏٺو هو يا سندس تصوير ڏٺي آهي، تنهن جي به اک آلي ٿي وئي آهي.
ٻار سان جنسي زيادتي ٿيڻ جو پڻ انڪشاف ٿيو آهي. کيس شراب پيئارڻ سان گڏ نشيدار شيون به استعمال ڪرائڻ جا الزام سامهون آيا آهن.
مقتول ٻار جو پيءُ پڻ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري چڪو آهي. هو ٻه ڀائر هئا، جن مان هڪ عمر به هليو ويو. سندس ٽي ڀينرون آهن. عمر نيو فوجداري ٿاڻي جي حد رستم موڙ، لاشاري ڪالوني ۾ رهائش پذير هو.
افسوس جو اعليٰ سطح تي هن قتل جو اڃان تائين ڪو واضح نوٽيس نه ورتو ويو آهي، نه ئي بروقت ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ڪا اثرائتي اڳڀرائي نظر آئي آهي. پر، ڪجهه ماڻهو جوابدارن کي رليف ڏيارڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿيا آهن.
عمر لاشاري جي خاندان ۽ شهرين جو بنيادي سوال اهو آهي ته آخر هڪ معصوم ٻار جي قتل جون سموريون حقيقتون ڪڏهن سامهون اينديون، ڪيس ڪڏهن داخل ٿيندو ۽ اصل جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ ڪڏهن آندو ويندو؟

مقتول ٻار کي ورغلائي زيادتيءَ جو نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو، يا ان جي پٺيان ڪو ٻيو به سبب آهي؟ ان سلسلي ۾ اسان ڪنهن به قسم جي تبصري کان پاسو ڪندي، عالمي، ملڪي ۽ صوبائي سطح تي ٻارن بابت موجود صورتحال جي تازي يونيسيف رپورٽ پيش ڪريون ٿا، جنهن سان معاملن کي آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ۽ اهو اندازو پڻ لڳائي سگهجي ٿو ته اسان جي ٻارن سان ڇا ٿي رهيو آهي، ڪيئن ٿي رهيو آهي ۽ ڪير ڪري رهيو آهي، ۽ انهن ٻارن مٿان لٽڪندڙ امڪاني خطرن کي ڪيئن روڪي سگهجي ٿو.
گڏيل قومن جي اداري يونيسيف جي رپورٽ موجب، 21 ملڪن ۾ صرف هڪ سال دوران ٻن ڪروڙ ٻارن کي جنسي استحصال جو شڪار بڻايو ويو. ڏيڍ ڪروڙ ٻارن کي سندن مرضيءَ خلاف جنسي مواد ڏسڻ تي مجبور ڪيو ويو، 90 لک ٻارن کي جنسي گفتگو ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ سان گڏوگڏ سندن ذاتي تصويرون شيئر ڪرڻ لاءِ چيو ويو، جڏهن ته 40 لک ٻارن جون تصويرون سندن اجازت کانسواءِ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون ويون.
۽ اهو سڀ ڪجهه ڪنهن اڻڄاتل هنڌ تي نه، پر روزمره استعمال ٿيندڙ سوشل ميڊيا پليٽ فارمن، جهڙوڪ فيس بڪ، انسٽاگرام، سنيپ چيٽ، ٽڪ ٽاڪ ۽ آن لائين گيمنگ پليٽ فارمن تي ٿيو آھي.
رپورٽ جو انتهائي ڳڻتيءَ جوڳو پهلو اهو آهي ته اڌ کان وڌيڪ ڪيسن ۾ ٻارن جو جنسي استحصال ڪندڙ ڪو اجنبي نه، پر ٻارن جو ويجهو يا ڄاڻ سڃاڻ وارو شخص ئي رهيو آھي .
رپورٽ موجب، جن ٻارن سان اهڙا واقعا پيش آيا، انهن مان خوف ۽ شرمندگيءَ سبب هڪ سيڪڙو کان به گهٽ ٻارن واقعن جي رپورٽ پوليس، عدالتن يا هيلپ لائنز کي ڪئي آھي .
ان کان به وڌيڪ خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته آن لائين جنسي استحصال جو شڪار ٿيندڙ ٻارن ۾ خودڪشي ڪرڻ ۽ پاڻ کي نقصان پهچائڻ جو رجحان ٻين ٻارن جي ڀيٽ ۾ چار ڀيرا وڌيڪ ڏٺو ويو آھي .
يونيسيف موجب، هن سروي ۾ پاڪستان سميت 21 ملڪن جي لڳ ڀڳ 21 هزار انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ ٻارن کي شامل ڪيو ويو. رپورٽ وڌيڪ ٻڌائي ٿي ته صرف پاڪستان ۾ 12 کان 17 سالن جي عمر وارن انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ ٻارن مان تقريباً هر 16 مان هڪ ٻار کي هڪ سال دوران ٽيڪنالاجي ذريعي جنسي استحصال ۽ بدسلوڪي جو منهن ڏسڻو پيو آھي .
آفريقي، ايشيائي، آمريڪي ۽ يورپي ملڪن ۾ صورتحال به ڳڻتيءَ جوڳي آهي، جتي تقريباً هر پنجن ٻارن مان هڪ ٻار گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو آن لائين جنسي استحصال جو شڪار ٿيو.
تحقيق ڪندڙن جو چوڻ آهي ته هي صرف انهن 21 ملڪن جي سروي تي ٻڌل انگ اکر آهن؛ جيڪڏهن عالمي سطح تي صورتحال جو جائزو ورتو وڃي ته متاثر ٿيندڙ ٻارن جو انگ ڪيترن ئي ڪروڙن تائين پهچي سگهي ٿو.
هن سڄي صورتحال کي وڌيڪ سنگين بڻائڻ ۾ مصنوعي ذهانت (Artificial Intelligence) به اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. رپورٽ موجب، نون ملڪن مان حاصل ڪيل انگن اکرن مان معلوم ٿيو آهي ته 11 لک کان وڌيڪ ٻارن تصديق ڪئي آھي ته مصنوعي ذهانت ذريعي سندن جعلي غيراخلاقي تصويرون يا وڊيوز ٺاهي انٽرنيٽ تي وائرل ڪيون ويون آھن .

يونيسيف مختلف ملڪن جي حڪومتن ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنين تي زور ڏنو آهي ته ڊجيٽل پليٽ فارمن تي ٻارن جي تحفظ لاءِ حفاظتي قدمن کي وڌيڪ سخت ڪيو وڃي ۽ مصنوعي ذهانت سميت نون خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ قانونن کي هنگامي بنيادن تي بهتر بڻايو وڃي.
سڀ کان پهرين آسٽريليا 2025ع ۾ 16 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن جي سوشل ميڊيا استعمال تي پابندي لاڳو ڪئي هئي. ان کان پوءِ فرانس به ساڳئي رخ ۾ اڳتي وڌيو. ٻئي طرف ڪينيڊا، جرمني، ڊنمارڪ ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ به گهٽ عمر وارن ٻارن جي سوشل ميڊيا استعمال ۽ ان تائين رسائي کي محدود ڪرڻ لاءِ قانون سازي تي ڪم ٿي رهيو آهي.
پاڪستان ۾ به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 16 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن جي سوشل ميڊيا استعمال کي ريگيوليٽ ڪرڻ بابت درخواست داخل ڪئي وئي آهي، جنهن تي عدالت انساني حقن واري وزارت، وزارتِ داخلا، وزارتِ قانون، وزارتِ تعليم، وزارتِ اطلاعات، پي ٽي اي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي نوٽيس جاري ڪندي 29 سيپٽمبر تائين جواب طلب ڪيو آهي.
تازو ئي پنجاب اسيمبلي ۾ 16 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي سوشل ميڊيا جي نقصانڪار اثرن کان محفوظ رکڻ لاءِ قانون سازي بابت قرارداد به متفقه طور تي منظور ڪئي وئي آهي.
هتي خاص طور تي پاڪستان جي حوالي سان پيش ايندڙ ڪجهه انتهائي خطرناڪ واقعن جي پسمنظر ۾ ڳالهائڻ به ضروري آهي. ملڪ ۾ ڪيترائي ٻار پنهنجي ئي گهرن يا ويجهن مائٽن جي هٿان جنسي زيادتي جو شڪار ٿين ٿا. ڪراچي ۾ 18 مهينن جي معصوم نينگري سان پيش آيل المناڪ واقعو ان جي بدترين مثالن مان هڪ آهي، جتي هڪ رشتيدار مٿس مبينا طور جنسي زيادتي ڪئي.
اهڙيءَ طرح ويجھڙائيءَ ۾ آن لائين گيمز جي نشي ۽ ان جي وڌندڙ عادت ڪجهه ٻارن کي پنهنجي ئي گهر ڀاتين جي قتل جهڙن سنگين ڏوهن تائين به وٺي وئي آهي.
افسوسناڪ هجڻ سان گڏوگڏ هي صورتحال انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي ۽ حساس به آهي، جنهن ۾ سوشل ميڊيا جو اهم ڪردار سامهون اچي رهيو آهي. سمارٽ فونز ۽ انٽرنيٽ تائين آسان رسائي سبب ٻارن لاءِ فحش، غيراخلاقي ۽ پرتشدد مواد تائين پهچ انتهائي آسان ٿي وئي آهي، جيڪو سندن ڪچي ذهنن تي انتهائي منفي اثر وجهي ٿو.
ان سان گڏ ٻار آن لائين ڏوهارين لاءِ به آسان شڪار بڻجي وڃن ٿا، جيڪي دوستي، راندين، ڪوڙين سڃاڻپن يا ڪنهن ڄاتل سڃاتل شخص جي روپ ۾ ٻارن کي ورغلائي سندن استحصال ڪن ٿا.
اهڙي صورتحال ۾ حڪومتي قدمن سان گڏ والدين جو ڪردار به انتهائي اهم آهي. والدين کي گهرجي ته هو پنهنجي ٻارن جي آن لائين سرگرمين تي مناسب نظر رکن، کين ڊجيٽل دنيا جي خطرن کان آگاهه ڪن ۽ حساس معاملن تي ٻارن سان کليل نموني گفتگو ڪن.
ٻارن کي صرف موبائل فون ۽ انٽرنيٽ جي استعمال کان روڪڻ ڪافي ناهي، پر کين اهو به سيکارڻ ضروري آهي ته ڪنهن تي اعتماد ڪرڻو آهي، ڪهڙي معلومات شيئر نه ڪرڻي آهي، نامناسب پيغام يا تصوير اچڻ جي صورت ۾ ڇا ڪرڻو آهي ۽ ڪنهن خطري جي صورت ۾ فوري طور والدين يا ڪنهن ڀروسي واري ماڻهوءَ کي ڪيئن ٻڌائڻو آهي.
ڇو ته خطرو صرف ڪنهن اجنبي کان ناهي؛ ڪڏهن ڪڏهن ٻار کي ورغلائڻ وارو ڪو ڄاتل سڃاتل ماڻهو به ٿي سگهي ٿو. تنهن ڪري ٻارن جي حفاظت لاءِ قانون، ٽيڪنالاجي، اسڪول ۽ والدين—سڀني کي گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
____________

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي “وک ” شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.



