Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

سنڌي ادب: ھاڻ وڙھبو نئين نرالي ڍنگ سان! (آزاد نظم)

شاعر: نصير اعجاز

نصير اعجاز صحافي، اديب، شاعر، محقق، ۽ ھڪ سفرنامي سميت يارھن ڪتابن جو مصنف آھي. انھن ڪتابن ۾ سندس ھڪ انگريزي ڪتاب Hur – The Freedom Fighter بہ شامل آھي جيڪو سوا سئو ورھين جي تاريخ تي ٿيل تحقيقي ڪم آھي.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

ھاڻ وڙھبو نئين نرالي ڍنگ سان!

ھُو چَوَنِي، تون مَ چَئُه واتئون وَرَائي

۽

 اَڳُ اَڳرائي جو ڪري، سو خطا کائي

ياد ٿَئي اَي سنڌ اَمان

ھِي سَبقَ سارِي عُمر تو ڏنا .

ڪيڏا نہ سُھڻا ھَا اِھي سارا سبق

جِن ڏنو تھذيب کي ھو جنم،

ڪو بہ حاڪم، ڪو بہ محڪوم ڪو نہ ھو،

بس ھڪ خدا ۾ ھَو يقين،

نہ رنگ جو، نہ ذات جو يا نسل جو ڪو ھو فرق

ڪو بہ ھٿيار، ڪو بہ جھيڙو ڪو نہ ھو

ھر طرف بس ھَو اَمُن،

پاڻ سڀ ڪنھن نہ ڪنھن

ڪِرتِ سان ھُئاسين لڳل.

وقت بدليو، ڪَل نہ پئي

ڌاريا اچي ڪڙڪيا مٿان

ڌاريا آيا، ڌاريا آيا، ھر طرف چوٻول ھو،

اُن ڏينھن سنڌوءَ جي تھذيب جو اَنتُ ٿيو،

ڌاريا جڏھن آيا ھتي

۽ چَوڏَس شروع ٿي رت ڇاڻ ھُئي.

ھُو پاڻ سان کڻي ھٿيار آيا ھُئا،

ايئن ھِتي ھڪ نئين سماج ورتي شڪل

۽ ھٿيارن جو رواج عام ٿيو.

ڇڏ امان

کوڙ ٿيو

اھڙو سبق

ھاڻ لفظن جي نه ڪا جنگ آ،

 دور ڀالن بڙڇين ۽ ترارن جو

ويو ھليو.

ياد ٿئي اي سنڌ امان

ڪيئن مياڻيءَ ۾

فرنگين سان ويڙھ ۾

ڪونه ڪم آيون دوناليون.

دشمنن جي توب جا

گولا

بم ۽ بارود

وسندا رھيا ۽

سنڌ نه ڏيسون سنڌ نه ڏيسون

جا نعرا هڻندي

ڪيڏا ڪونڌر ڪرندا ويا!

ياد ٿئي اي سنڌ امان؟

ڇڏ امان

کوڙ ٿيا اھڙا سبق

ھاڻ وڙھبو

نئين نرالي ڍنگ سان

دشمنن جي فوج سان!

______________ 

Nasir Aijaz - Sindh- Pakistan

نصير اعجاز

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button