10 اپريل سنڌي ٻوليءَ جو عالمي ڏينھن: سنڌي ٻولي، ھڪ تھذيب جي علمبردار ٻولي
سنڌي سنڌ جي تہ قومي ٻولي نٿي بڻجي پر ھند جي قومي ٻولين ۾ ان جو شمار ٿئي ٿو. سنڌ کان ھند ڏانھن ڌڪيل سنڌين معاشي طور پنھنجا پير مضبوط ڪري سنڌي ٻوليءَ کي ھندستان جي قومي ٻولين جي صف ۾ شامل ڪرائڻ جا جتن ڪيا ۽ کين ڪاميابي ٿي.
10 اپريل 1967ع تي ھندستان جي آئين ۾ ترميم ڪري سنڌي ٻوليءَ کي بہ قومي ٻوليءَ طور تسليم ڪيو ويو جڏھن تہ ھتي 1973ع ۾ سنڌي وزيراعظم جي فخريہ پيشڪش واري آئين ۾ بہ سنڌي قوم جي قومي وجود کي تسليم ڪرڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ طور قبول ڪرڻ کان صاف ڪن ٽار ڪئي وئي، جيڪا ريت پيپلزپارٽي جي اڄوڪي دور حڪمراني ۾ بہ جاري آھي.
جتي 21 فيبروري مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن آھي اتي سنڌي ٻوليءَ جو عالمي ڏينهن 10 اپريل آھي جڏھن سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري سطح تي مڃتا ملي ٿي. سنڌ ھند سميت سڄي دنيا جي سنڌين کي 10 اپريل کي ‘سنڌي ٻوليءَ جو عالمي ڏينھن’ قرار ڏيندي نئين سر ان جدوجھد جو آغاز ڪرڻ گھرجي تہ پاڪستان ۾ بہ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي.

جڳديش آهوجا
اڄڪلهہ ھر ھنڌ تان اھو پڙاڏو گونجي رھيو آھي تہ ايران کي آمريڪا ۽ اسرائيل ان ڪري شڪست ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي رھيا آھن جو ايران فقط ھڪ ملڪ ناھي ھڪ تھذيب آھي، ڇھ ھزار سال قديم تھذيب، فارس جي تھذيب، جنھن ڪنھن زماني ۾ اسان تي بہ راڄ ڪيو آھي. برطانوي راڄ کان اڳ سنڌ ۽ پنجاب جي سرڪاري، ادبي ۽ علمي ٻولي فارسي ٻولي ھئي جنھن جي ذھني غلاميءَ مان نڪرڻ لاءِ سنڌ جي عظيم شاعر شاھ لطيف خاموش بغاوت جو علم بلند ڪيو ھو. شاھ لطيف ‘لوڪ وھي لھوارو، تون اونچو وھ اوڀار’ جي مصداق ان وقت جي مروج روايت جي ابتڙ سڄي شاعري فارسي بدران سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪئي ۽ نہ رڳو ايترو پر اھو بہ کولي اعلان بغاوت ڪيائين تہ، ‘جي تون سکئين فارسي، گولو تون غلام.’
شاھ لطيف ڄاتو ٿي تہ سنڌي ٻولي ھڪ عظيم تھذيب جي ٻولي آھي ۽ اِھا اُھا تھذيب آھي جنھن جي ترقي ۽ اوسر جو بنياد محنت، ھنر ۽ واپار تي رکيل آھي. جنھن جي آزادي، ترقي ۽ تھذيب تي تاريخ جي مختلف دورن ۾ مختلف حملي آورن پنجوڙ وڌا آھن پر سنڌ سدائين انھن کي بہ پنهنجي تھذيبي ڌارا ۾ سموئي سنڌو تھذيب جي عظمت کي برقرار رکيو آهي. سنڌو تھذيب جي سڀ کان منفرد خوبي اھا رھي آھي تہ سنڌو راڄ جا ماڻھو ڪڏھن بہ ڪنھن تي حملہ آور نہ ٿيا آهن. موھن جي دڙي کان راکي ڳڙھي تائين سنڌو تھذيب جي سوين ماڳن مان ڪنھن ھڪ ماڳ تان بہ اسان کي جنگ جدل، قتل غارت گري جا ھٿيار نہ مليا آهن. سنڌو تھذيب دنيا جي اھا مثالي تھذيب آھي جيڪا اڄ بہ سڄي انسانذات کي پيغام ڏئي رھي آھي تہ، ‘جنگ، تشدد، فوج، بادشاه ۽ ھٿيارن بنا بہ ڪنھن تھذيب کي جنم ڏئي سگهجي ٿو. بلڪ حقيقي انسان دوست ۽ امن عالم جي علمبردار تھذيب اھا ئي ٿي سگھي ٿي جنھن جو روح ‘پنھنجي ۽ جڳ جي ڀلائي ۽ خوشحالي’ وارو ھوندو، جنھن جي ترجماني ڪندي شاھ لطيف چوي ٿو:
“سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.’
قومن، تھذيبن، فردن، خاندانن سڀن تي عروج ء زوال جا زمانا ايندا رھندا آھن. عظيم سنڌو تھذيب ۽ سندس ٻولي بہ تاريخ جي مختلف دورن ۾ اوج ۽ زوال جا ڪيترا ئي زمانا پسي ھر بار ھڪ نئين روپ ۾ نکري نروار ٿيندي آھي. اڄ جو زمانو بہ سنڌو تھذيب جي نئين جنم جو زمانو آهي جنھن جو آغاز ٿيو آھي ۱۹۲۲ع ۾ موھن جي دڙي جي کوٽائي دوران سنڌو تھذيب جي قدامت جي منڪشف ٿيڻ سان. اڄ ھارورڊ کان ھند تائين دنيا جا وڏا وڏا محقق سنڌو تھذيب جي ماڳ راکي ڳڙھي جي ھڪ قبر مان مليل ھڪ سنڌو ڌياڻي جي ڊي اين اي تي ريسرچ ڪري دنيا کي ٻڌائي رھيا آھن تہ سنڌو تھذيب جا تخليقڪار سنڌو واسي ئي آھن. اڄ ڏکڻ ايشيا جي ھر ريسرچ ۾ انڊس ڊي اين اي/ سنڌو تھذيبي جينياتي بڻ بڻياد ھڪ سائنسي طور تسليم ٿيل سچائي طور دنيا جي آڏو ظاھر ٿي چڪو آهي. بس ھڪڙي ڳجھارت اڄ بہ سڀني محققن لاءِ چئلينج بڻيل آهي ۽ اھا آھي سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد، موھن جي دڙي جي ٻولي، قديم سنڌي ٻولي، جنھن تي سنڌ کان وڌيڪ ھند ۽ باقي دنيا ۾ تحقيق ٿي رھي آھي جڏھن تہ اڄ سنڌ تحقيق جي دنيا ۾ ڪنھن کاتي ۾ ئي نظر نٿي اچي. اھو بہ زماني جي لاھن چاڙھن، ڌارين جي حملن، پنھنجن جي ويساھ گھاتين ۽ ورھاڱي جو نتيجو آهي پر سنڌ ان ڌٻڻ مان بہ نڪري ايندي ۽ پنھنجي ٻوليءَ جو اصل بڻ بڻياد بہ ڳولي وٺندي. تنھن لاءِ اسان تي ڪھڙي ذميواري عائد ٿئي ٿي؟
اسان جي رھنمائي ڪندي انسان دوست فلسفي شاعر شاھ لطيف سسئي جي واتان چورائي ٿو:
‘پاڻھي ايندم ھوت، ڪجھ آء بہ اڳڀري ٿيان،
متان چوينم ھوت، ڪميڻيءَ مان ڪين وريو.’
شاھ لطيف جتي اسان کي سنڌي ٻوليءَ کي عام ۽ خاص ۾ ورنائڻ جو عملي درس ڏئي ٿو اتي سسئي وانگر ڏونگر ڏورڻ ۽ ڪشالا ڪڍڻ جي راھ بہ ڏيکاري ٿو.
سنڌي ٻولي فقط موھن جي دڙي جي زوال سان گم ناھي ٿي پر سڀني حملي آورن ۽ فاتحن جي گھوڙن جي سنبن ھيٺان لتاڙي وئي آھي پر اھو سنڌي ٻوليءَ جو سنڌو تھذيبي جوھر آھي جيڪو کيس ھر زوال کانپوءِ وري نئون جنم ڏئي نئين رنگ روپ ۾ نروار ڪري ٿو. سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌو تھذيب کي عيسوي دور ۾ سڀ کان ڪاپاري ڌڪ اٺين صدي عيسويءَ ۾ عربن جي فتح سان رسيو. عربن جي حملن ۾ سنڌ جي ٻولي ۽ ادب جو پنھنجي سڄي ماضي سان، ھزارين سالن جي تاريخ سان ناتو ٽٽي ويو ۽ اھڙو ٽٽي ويو جو اڄ سنڌ ۾ ڪو ھڪ بہ اھڙو عالم ناھي جنھن کي قديمي سنڌي ٻولي پڙھڻ ايندي ھجي. ڪيڏي نہ ستم ظريفي آھي جو سنڌ ھند جي قديم ترين ڪتاب رگ ويد کانپوءِ اسان کي سنڌ جي تاريخ جو پھريون ڪتاب تحفته الڪرام يعني فتوحات سنڌ ٻڌايو وڃي ٿو. اسان کي ڪا خبر ناھي تہ ڪشمير کان ڪيچ مڪران تائين راڄ ڪندڙ سنڌ جي راء گھراڻي جي راڄ ۾، چچ ۽ راجا ڏاھر جي سنڌ ۾ ڪھڙو سنڌي ادب تخليق ٿيو، ڪھڙا سرڪاري فرمان ڪھڙي سنڌي صورتخطيءَ ۾ جاري ٿيندا ھيا، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ڪھڙا علمي، ادبي، تاريخي ۽ سائنسي ڪتاب پڙھايا ويندا ھئا، ائين ٿو لڳي ڄڻ 712ع کان اڳ سنڌ ۾ ڪنھن ٻولي ۽ ادب جو ڪو وجود ئي نہ ھجي!

سنڌي ادب جي اڄ سڄي تاريخ اسان کي عربن ۽ ايرانين جي فتحن کانپوءِ جي تاريخ ٻڌائي وڃي ٿي. واڻڪي واپاري حساب ڪتاب جي بندين ۾ تہ اسان کي ديوناگري رسم الخط واري سنڌي ملي ٿي باقي سنڌي علم ۽ ادب جي دنيا تي عربي کان وڌيڪَ فارسيءَ جي ڇاپ ملي ٿي جنھن کان اسان کي پنهنجي ٻوليءَ ڏانھن واپس موٽائين ٿا شاھ، سچل، سامي. ان کان اڳ سمن جي دور ۾ اسان قاضي قادن وغيره جي شاعري ملي ٿي. ديوناگري رسم الخط کي الوداع ڪري فارسي عربي رسم الخط اختيار ڪرڻ جو اسان کي سڀ کان وڏو نقصان اھو پھتو آھي جو اسان جو سنڌ جي تاريخ ۽ ادب سان گڏوگڏ ھند جي بہ سڀني ٻولين، تاريخ، تھذيب، تمدن ۽ ادب سان بہ رشتو ٽٽي ويو آهي جڏھن تہ تاريخي ۽ تھذيبي ڌارا ۾ سنڌ ۽ ھند ھڪ ئي لڙيءَ ۾ پويل آھن.
۷۱۲ع کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ جو سرڪاري سطح تي نئون جنم ٿئي ٿو ۱۸۵۲ع ۾ جڏھن برٽش انڊيا جي سنڌ جا انگريز حاڪم فارسيءَ بدران سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي سرڪاري ٻولي قرار ڏين ٿا ۽ سنڌ جي انگريز عملدارن لاءِ بہ سنڌي سکڻ لازمي قرار ڏين ٿا. سنڌي ٻوليءَ جي سرڪاري سطح تي ترقي جو اھو دور ۱۹۴۷ع تائين ھلي ٿو ۽ پو۽ سنڌ ھڪ نئين غلاميءَ جي پنجوڙ ۾ ڦاسي پنھنجي وجود جي جنگ وڙھي ٿي. سرڪاري سرپرستيءَ کان محروم ٿي سنڌي ٻولي سنڌي قوم جي دلين ۾ زنده رھي ٿي ۽ سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي تحريڪ جنم وٺي ٿي. سنڌي سنڌ جي تہ قومي ٻولي نٿي بڻجي پر ھند جي قومي ٻولين ۾ ان جو شمار ٿئي ٿو. سنڌ کان ھند ڏانھن ڌڪيل سنڌي معاشي طور پنھنجا پير مضبوط ڪري سنڌي ٻوليءَ کي ھندستان جي قومي ٻولين جي صف ۾ شامل ڪرائڻ جا جتن ڪن ٿا ۽ کين ڪاميابي نصيب ٿئي ٿي. 10 اپريل 1967ع تي ھندستان جي آئين ۾ ترميم ڪري سنڌي ٻوليءَ کي بہ قومي ٻوليءَ طور تسليم ڪيو ويو جڏھن تہ ھتي 1973ع ۾ سنڌي وزيراعظم جي فخريہ پيشڪش واري آئين ۾ بہ سنڌي قوم جي قومي وجود کي تسليم ڪرڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ طور قبول ڪرڻ کان صاف ڪن ٽار ڪئي وئي، جيڪا ريت پيپلزپارٽي جي اڄوڪي دور حڪمراني ۾ بہ جاري آھي.
تاريخ جي ان تسلسل ۾ ڏٺو وڃي تہ جتي 21 فيبروري مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن آھي اتي سنڌي ٻوليءَ جو عالمي ڏينهن 10 اپريل آھي جڏھن سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري سطح تي مڃتا ملي ٿي. سنڌ ھند سميت سڄي دنيا جي سنڌين کي 10 اپريل کي ‘سنڌي ٻوليءَ جو عالمي ڏينھن’ قرار ڏيندي نئين سر ان جدوجھد جو آغاز ڪرڻ گھرجي تہ پاڪستان ۾ بہ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي. ٻولي ڪنھن بہ قوم کي باقي سڀني فرقن جي ھوندي بہ ھڪ لڙي ۾ پوئي ٿي ۽ جيڪڏھن سڄي دنيا جا سنڌي 10 اپريل کي سنڌي ٻوليءَ جو عالمي ڏينهن قرار ڏئي پاڪستان سرڪار کان گھر ڪن تہ ‘سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي تسليم ڪيو’ تہ ڪو بعيد ڪونھي تہ سنڌي ٻوليءَ کي ان جو اصل مقام نہ ملي.
اڄ سڄي دنيا رتو ڇاڻ، تشدد، جنگين ۽ معاشي بحرانن جو شڪار آهي، اھڙي وقت ۾ امن عالم، اتحاد انساني ۽ ترقي بني آدم جو سنڌو تھذيبي فلسفو نہ رڳو سنڌ جي پر سموري انسانذات جي اشد ضرورت آهي ۽ ڪابہ تھذيب پنهنجي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد کانسواءِ وڌي ويجھي نٿي سگھي سو سنڌي ٻوليءَ سميت سڀني سنڌو تھذيبي ٻولين جي تيز ترين اوسر ۾ سڀني جي ڀلائي آھي. اچو تہ اسان آغاز سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي تحريڪ سان ڪيون جنھن سان ٻين سنڌو تھذيبي ٻولين جي تحريڪ کي بہ سگھ ملندي.
اچو تہ اسان سڀ سڄي دنيا جا سنڌي 10 اپريل کي سنڌي ٻوليءَ جو عالمي ڏينهن قرار ڏئي پنھنجو آواز بلند ڪيون:
“سنڌي ٻولي قومي ٻولي”
__________________

جڳديش آهوجا ڪراچي، سنڌ ۾ رھي ٿو. لاڙڪاڻو سندس جنم ڀومي آھي. ھُو سياست، تاريخ، بين الاقوامي تعلقات ۽ فلسفي جو شاگرد ھجڻ سان گڏ ڪالم نگار ۽ ڪجھ ڪتابن جو ليکڪ، سنڌو واس فائونڊيشن جو باني صدر ۽ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جو اڳواڻ آھي. ھُن برٽش ڪمپني Pinch Media پاران سنڌ ۽ سنڌي ڪميونٽي تي ٺاھيل دستاويزي فلم ‘اڃان بہ قائم’ Still Standing ۾ مک ڪردار ادا ڪيو.



