Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيانساني حَقَ

سر ڪائوسجي جهانگير انسٽيٽيوٽ حيدرآباد ۾ هيومن رائيٽس ۽ ليگل سپورٽ يونٽ قائم

ھي يونٽ اسپتال ۾ علاج هيٺ سڀني مريضن کي قانوني رهنمائي، حقن جي تحفظ ۽ قانوني ڪارروائيءَ ۾ مدد فراهم ڪندو

انسٽيٽيوٽ جي سينيئر نفسياتي ماهرن تي مشتمل ٽہ رڪني ڪميٽي جوڙڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، جيڪا تازين خودڪشين جي واقعن جي جاچ ۾ مدد ڪندي۔ انساني حقن وارو کاتو ھنگامي بنيادن تي 10 نفسيات جا ماهر ڀرتي ڪندو

حيدرآباد

سنڌ حڪومت جي انساني حقن واري کاتي طرفان سر ڪائوسجي جهانگير انسٽيٽيوٽ آف سائڪائٽري حيدرآباد ۾ هيومن رائيٽس ۽ ليگل سپورٽ يونٽ قائم ڪيو ويندو، جيڪو انساني حقن واري کاتي ۽ اسپتال انتظاميا جي گڏيل تعاون سان هلندو.

ھي يونٽ اسپتال ۾ علاج هيٺ سڀني مريضن کي قانوني رهنمائي، حقن جي تحفظ ۽ قانوني ڪارروائيءَ ۾ مدد فراهم ڪندو.

اھڙو فيصلو آچر سورھين نومبر تي  انساني حقن واري کاتي ۽ اسپتال انتظاميا جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس جي صدارت ڊائريڪٽر (هيومن رائيٽس) آغا فخر حسين ڪئي، جڏهن ⁠تہ پروفيسر ڊاڪٽر نثار سوهو، ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ، سينيئر ڪلينڪل سائيڪالاجسٽ، اسپتال انتظاميا، سي اي او هينڊز مقبول راهو ۽ هينڊز جي ٻين نمائندن شرڪت ڪئي.

انساني حقن واري کاتي جي پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اسپتال جي اندر گڏيل هيومن رائيٽس ۽ ليگل سپورٽ يونٽ قائم ڪيو ويندو، جيڪو انساني حقن واري کاتي  ۽ اسپتال انتظاميا جي باهمي تعاون سان هلندو. ھي يونٽ اسپتال ۾ علاج هيٺ سڀني مريضن کي قانوني رهنمائي، حقن جي تحفظ ۽ قانوني ڪارروائي ۾ مدد فراهم ڪندو۔ ان موقعي تي وڌيڪ طئہ ڪيو ويو ته سنڌ جي صحرائي علائقن ۾ وڌندڙ خودڪشيءَ جي واقعن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو۔

قائم ڪيل يونٽ خودڪشي جي وڌندڙ رجحان جي پس منظر ۾ سماجي، نفسياتي ۽ قانوني سببن جي روشنيءَ ۾ ڪم ڪندو۔

انسٽيٽيوٽ جي سينيئر نفسياتي ماهرن تي مشتمل ٽہ رڪني ڪميٽي جوڙڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، جيڪا تازين خودڪشين جي سلسلي وار واقعن جي جاچ ۾ معاونت ڪندي۔ انساني حقن وارو کاتو ھنگامي بنيادن تي 10 نفسيات جا ماهر ڀرتي ڪندو، جڏهن ⁠تہ اسپتال انهن کي باضابطه تربيت ۽ رهبري فراهم ڪندي۔ هينڊز ادارو ان مقصد لاءِ قابل اميدوارن جي نامزدگي ۾ مدد ڪندو۔ انهن مان چار نفسيات جا ماهر صحرائي ضلعن مان چونڊيا ويندا ته جيئن هو مقامي سطح تي جلد ۽ مؤثر خدمتون ڏئي سگهن۔

ان موقعي تي ڊائريڪٽر انساني حق سنڌ آغا فخر حسين، اسپتال جي مختلف وارڊز جو معائنو ڪيو، عملي سان ملاقات ڪئي ۽ مريضن کي فراهم ڪيل سهولتن جو جائزو ورتو۔ (پريس رليز)

______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button