غربت ۽ ٻين سماجي مسئلن جي ڪري سنڌ جي ٿر وارن علائقن ۾ ذھني مرض وڌي ويا
سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾ خودڪشيءَ جا سڀ کان وڌيڪ واقعا ٿيندا رھن ٿا. ھڪ نھايت ڇرڪائيندڙ پھلو ھيءُ آھي تہ ٿر ۾ پنھنجي حياتيءَ جو انت آڻيندڙ عورتن توڙي مردن جو تعلق گھڻو ڪري دليت برادرين سان آھي _ ڊاڪٽر ڪريم خواجا
سنڌ جي چئن صحرائي ضلعن ۾ چوٽيھ سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي ذھني مرضن ۾ مبتلا آھي، جن ۾ ڊپريشن سڀ کان وڌيڪ آھي جڏھن تہ ٻئي نمبر تي بيچينيءَ وارو مرض آھي. غرسرڪاري تنظيم ”نُوري“ طرفان ڪوٺايل جاڳرتا اجلاس ۾ سنڌ مينٽل ھيلٿ اٿارٽيءَ جي چيئرمن جو اظھار
اسٽاف رپورٽر
ڪراچي، سنڌ
پنجويھ ڪروڙ آباديءَ واري مُلڪ پاڪستان ۾ نفسياتي مرضن جي علاج لاءِ ڪُل ڇھ سئو ماھر آھن جن مان ھڪ سئو چاليھ سنڌ ۾ آھن جڏھن تہ سنڌ جي آبادي بہ ڇھ ڪروڙ کن آھي. انھن ھڪ سئو چاليھ نفسياتي ماھرن مان صرف ھڪ سئو ويھ رجسٽر ٿيل آھن.
”ھيڏي وڏي آباديءَ ۾، جتي ڏينھون ڏينھن نفسياتي مونجھارا وڌي رھيا آھن، نفسياتي علاج جي ماھرن جو انگ تمام گھٽ بلڪِ نہ ھئڻ برابر آھي، پر مسئو اھو آھي تہ ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد ٻين شعبن ۾ تہ کوڙ وڃن ٿا، پر ھن اھم شعبي ۾ دلچسپي نٿا وٺن،“ اھڙن خيالن جو اظھار سنڌ مينٽل ھيلٿ اٿارٽيءَ جي چيئرمن ڊاڪٽر ڪريم خواجا ڇنڇر ڏينھن ڪراچي پريس ڪلب ۾ ھڪ جاڳرتا اجلاس ۾ خاص مھمان طور ڳالھائيندي ڪيو. ذھني مونجھارن بابت جاڳرتا وارو پروگرام ”نُوري“ نالي ھڪ غير سرڪاري تنظيم ڪوٺايو ھو جيڪا عورتن جي حقن ۽ جاڳرتا لاءِ ڪم ڪندي آھي.

ڊاڪٽر ڪريم خواجا چيو تہ ھونئن تہ ذھني مونجھارا ۽ مسئلا دنيا جي ھر ملڪ جي ماڻھن منجھ آھن، پر پاڪستان ۾ غربت ۽ ٻين ڪارڻن جي ڪري ھتي اھڙا مونجھارا وڌيڪ آھن.
ملڪ ۾ آپگھات جي واقعن جو ذڪر ڪندي ڊاڪٽر ڪريم خواجا ٻُڌايو تہ سنڌ مينٽل ھيلٿ اٿارٽيءَ ھڪ اڀياس ذريعي آپگھات جي واقعن جا انگ اکر گڏ ڪيا ھئا، جن موجب سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾ خودڪشيءَ جا سڀ کان وڌيڪ واقعا ٿيندا رھن ٿا. ”ھڪ نھايت ڇرڪائيندڙ پھلو ھيءُ ظاھر ٿيو تہ ٿر ۾ پنھنجي حياتيءَ جو انت آڻيندڙ عورتن توڙي مردن جو تعلق گھڻو ڪري دليت برادرين سان آھي جن کي ھتي اقليتي برادريون سڏيو وڃي ٿو،“ ھُن چيو.
ھُن ٻڌايو تہ سنڌ جي چئن صحرائي علائقن ۾ چوٽيھ سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي ذھني مرضن ۾ مبتلا آھي، جن ۾ ڊپريشن سڀ کان وڌيڪ آھي جڏھن تہ ٻئي نمبر تي بيچينيءَ وارو مرض آھي. ”عمرڪوٽ ضلعي ۾ ڊپريشن جي شرح سڀ کان وڌيڪ 48.5 رڪارڊ ڪئي وئي جڏھن تہ سانگھڙ ضلعي ۾ 32.81 سيڪڙو ماڻھن کي بيچيني ۽ 29.4 سيڪڙو ماڻھن کي ڊپريشن ھو. اھڙي طرح خيرپور ضلعي جي صحرائي علائي ۾ 31.22 سيڪڙو ماڻھن کي بيچيني ۽ 25.95 ماڻھن کي ڊپريشن ھو.“

ڊاڪٽر ڪريم خواجا سال 2022 کان 2025 تائين سنڌ جي ڏورانھن ريگستاني علائقن ۾ فيلڊ انٽرويوز، ڪميونٽي ھيلٿ اسڪريننگ ۽ ماڻھن سان ڪيل صلاح مشورن جي نتيجن بابت وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تہ اھي مسئلا عورتن ۽ نوجوان ڇوڪرين ۾ وڌيڪ نظر آيا جن جا بنيادي ڪارڻ غربت، جنسي متڀيد، ننڍي عمر ۾ شادي، گھڻا ٻار ڄڻڻ وغيرہ آھن جڏھن تہ مردن ۾ ذھني مونجھارن جو ڪارڻ معاشي پريشانين ۽ بيروزگاريءَ جي ڪري نشي جو استعمال ھيو ۽ انھن مسئلن ۾ ڏينھون ڏينھن واڌ اچي رھي آھي.
ھُن چيو تہ انھن علائقن ۾ بنيادي سھولتون ناھن، في ماڻھو آمدني بنھ گھٽ آھي، صنعتون نہ ھجڻ ڪري روزگار جا موعا ناھن، پاڻيءَ جي کوٽ آھي، موسمياتي تبديلين جي ڪري ڪڏھن سوڪھڙو آھي تہ ڪڏھن شديد برساتون.

ڊاڪٽر ڪريم خواجا سنڌ مينٽل ھيلٿ اٿارٽيءَ طرفان ٿر ۾ لڳايل ڪئمپن جو ذڪر ڪيو جتي ٿري مردن توڙي عورتن جي ڪائونسلنگ ڪئي وئي. جاڳرتا اجلاس ۾ موجود شاگردن جي سوالن جا جواب بہ ڏنا جن جو تعلق ڪراچي يونيورسٽي، وفاقي اردو يونيورسٽي ۽ ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ سان ھو. وڪيل عورتن توڙي ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ عورتون بہ جاڳرتا سيشن ۾ شريڪ ٿيون. مجموعي طور چاليھ شاگرد، شاگردياڻيون ۽ ٻيون خواتين شريڪ ٿيون. ڪجھ شاگردن يونيورسٽين اندر شاگردن جي ذھني مونجھارن بابت بہ سوال پُڇيا. ھُنن اھو بہ چيو تہ انھن ذھني مونجھارن بابت ھُو ڪنھن سان بہ ڳالھائي نٿا سگھن. ھڪ خاتون سن= جي شھدادڪوٽ ضلعي ۽ ٻين ھنڌن تي گھريلو تشدد سبب عورتن منجھ پيدا ٿيل ذھني مسئلن ڏانھن ڌيان ڇڪائيندي انھن علائقن ۾ عورتن جي ڪائونسلنگ لاءِ ڪئپون ھڻڻ تي زور ڀريو.
وومين لائرس الائنس جي صدر محترما شازيا نظاماڻيءَ اعزازي مھمان طور ڳالھائيندي تعليمي ادارن توڙي زندگيءَ جي مختلف شعبن جي ماڻھن ۽ خاص طور عورتن جي ذھني مونجھارن تي تفصيل سان ڳالھايو. ھُن انھيءَ ڏس ۾ خاص طور پنھنجا مُشاھدا ونڊيا ۽ تجويزون ڏنيون.

سينئر صحافي ۽ اعزازي مھمان نصير اعجاز چيو تہ ذھني مونجھارن جا گھڻا ئي ڪارڻ آھن پر ھر دور ۾ ھر حڪومت جون ناڪام پاليسيون ذھني مونجھارن جو سڀ کان وڏو ڪارڻ آھن. ”ھن ملڪ ۾ رائج نظام چاھي اھو تعليمي نظام ھجي، اقتصادي نظام ھجي يا ٻيو ڪو، اُھي سمورا نظام ناڪام ٿي چُڪا آھن، جن جي ڪري عام ماڻھوءَ غربت، بُک بدحالي، بيروزگاري، مھانگائي ۽ ٻين مسئلن ۾ ڦاٿل ھجڻ ڪري ذھني مرضن جو شڪار بڻجي ويو آھي.“
نصير اعجاز ڪجھ شاگردن جي ٻُڌايل مسئلن جو حوالو ڏيندي چيو تہ امتحانن جي ڏينھن ۾ توڙي سمورو سال شاگرد جنھن ذھني دٻاءَ جو شڪار رھن ٿا، اُھو سڀ اسان جي ناڪام تعليمي نظام جو نتيجو آھي.

اين جي او ”نُوري“ جي سربراھ پِرھ اعجاز پنھنجي تنظيم جي ڪارڪردگي بيان ڪندي چيو تہ ھيل تائين مختلف نوعيت جا پنجويھ پروگرام ڪرايا ويا آھن جن جو بنيادي مقصد عورتن منجھ سُجاڳي آڻڻ، کين معاشي خُود مُختياريءَ لاءِ ننڍا ڪاروبار شروع ڪرڻ، ٽيڪنالاجيڪل ٽريننگ ڏيڻ وغيرہ شامل شامل آھي.
ھيءُ پروگرام ڪوٺائڻ ۾ ھم گلوبل، فون ميڊ ۽ شان ريم ادارن جو سھڪار حاصل ھو.
_______________