Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سال 1944: جڏهن سنڌ جي شھر قمبر جي اونداهيءَ ۾ پهرين روشني لٿي

قمبر شھر جي علي خان پاڙي مان لنگھندي ھڪ پُراڻي عمارت نظر ايندي جنھن جي مُھاڙ تي انگريزيءَ ۾ لکيل آھي: ٽنڊو محمدخان قمبر اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني. انھيءَ سان گڏ لکيل 1944 جو سال ھن شھر کي روشن ڪرڻ لاءِ بجليءَ جي فراھميءَ جي تاريخ بيان ڪري ٿو. هڪ خانگي ڪمپني، جنهن جو هيڊڪوارٽر ٽنڊي محمد خان ۾ هو، ٻن شهرن کي بجلي فراهم ڪندي هئي: ٽنڊو محمد خان ۽ قمبر. ان ڪري هن پراڻي عمارت جي پيشانيءَ تي ٻنهي شهرن جا نالا گڏ لکيل آهن.   اڄ شايد ڪنهن لاءِ اهي رڳو انگريزيءَ جا چند لفظ هجن پر قمبر جي تاريخ لاءِ اهي لفظ هڪ پورو زمانو آهن.

ارشاد علي لاکو

قمبر شهر جي علي خان محلي مان گذرندي جيڪڏهن اوهان جي نظر ان پراڻي عمارت تي پئجي وڃي ته گھڙي کن بيهي ضرور ڏسجو. اوهان کي اُھا هڪ پراڻي عمارت لڳندي پر جيڪڏهن تاريخ جي اک سان ڏسندؤ ته انهن ڀتين ۾ اوهان کي قمبر جي پهرين روشنيءَ جا پاڇا نظر ايندا.

عمارت جي پيشانيءَ تي وقت جي ڌوڙ موسم جي مار ۽ گذريل ڏهاڪن جي خاموشيءَ باوجود اڄ به ڪجهه لفظ زنده آهن:

THE TANDO MUHAMMAD KHAN-KAMBAR ELECTRIC SUPPLY 1944

اهي لفظ ڄڻ ڪنهن پوڙهي شخص جي مُنھن تي لکيل زندگيءَ جي ڪهاڻي آهن جنهن جو جسم وقت گذرڻ سان جهڪي ويو آهي پر يادگيري اڃا سلامت آهي. اڄ کان اٺن ڏهاڪن کان به وڌيڪ اڳ جو اهو سال جڏهن قمبر جون شامون سج لهڻ کان پوءِ اونداهيءَ جي ڊگهي چادر اوڍي وٺنديون هيون. بازار جا دڪان ڏيئن ۽ لالٽينن جي روشنيءَ سان روشن ٿيندا هئا، گهرن ۾ گاسليٽ جون بتيون ٻرنديون هونديون ۽ رات جي خاموشيءَ ۾ ڪنهن گهر جي دروازي وٽ رکيل ڏيئو سڄي گهٽيءَ لاءِ روشنيءَ جو واحد سهارو هوندو ھو.

پوءِ هڪ ڏينهن قمبر جي ان اونداهيءَ ۾ بجليءَ جي پهرين روشني لٿي. اهو لمحو ڪهڙو هوندو جڏهن پهريون بلب ٻريو هوندو. شايد ماڻهو حيرت سان ان کي ڏسندا رهيا هوندا. ٻارن لاءِ اها ڪنهن جادوءَ کان گهٽ ڳالهه نه هوندي ۽ وڏن لاءِ مستقبل جي هڪ نئين دروازي جو کلي وڃڻ. جنهن شهر جون راتيون ڏيئن ۽ لالٽينن جي روشنيءَ ۾ گذرنديون هيون اتي اوچتو بلب جي روشني پکڙجي وئي.

۽ ان روشنيءَ جي پويان بيٺل هئي اها ئي عمارت جيڪا اڄ به علي خان محلي ۾ خاموشيءَ سان بيٺي آهي.

هيءَ عمارت ان وقت جو پاور هائوس هو جنھن جي اندر وڏا ڊيزل جنريٽر هلندا هئا. انهن مشينن جي گونج شايد سڄي محلي کي ٻڌڻ ۾ ايندي هوندي. جنريٽر هلڻ سان قمبر جي گهٽين ۾ روشني پکڙجندي هئي ۽ جڏهن مشينون بند ٿينديون هيون ته شهر ٻيهر رات جي خاموشيءَ ۾ لهي ويندو هو. بجلي سڄو ڏينهن نه هوندي هئي. شام ٿيندي لڳ ڀڳ ڇهين وڳي کان رات جو يارهين وڳي تائين شهر جون بتيون ٻرنديون هيون. اڄ جي دور ۾ شايد پنج ڪلاڪ بجليءَ کي بجلي نه هجڻ برابر سمجهيو وڃي پر ان دور ۾ اهي پنج ڪلاڪ قمبر لاءِ پنجن صدين جي روشنيءَ برابر هوندا. ماڻهو پنهنجيون گهڙيون به بجلي اچڻ جي وقت سان ملائيندا هئا. يعني قمبر ۾ هڪ وقت اهڙو به گذريو جڏهن ماڻهن جون گهڙيون به پاور هائوس جي مشينن سان وقت ملائينديون هيون ۽ بجليءَ رڳو بلب نه ٻاريا پر ان روشنيءَ سان قمبر جي زندگيءَ جو انداز به بدلجڻ شروع ٿيو.

رات جون بازارون وڌيڪ دير تائين جاڳڻ لڳيون، دڪانن ۾ روشني وڌي، ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي تبديل ٿيڻ لڳي ۽ شهر جديد دور جي دروازي تي قدم رکڻ لڳو. ان وقت سرڪار جو بجليءَ وارو نظام اڄ جهڙو نه هو. هڪ خانگي ڪمپني، جنهن جو هيڊڪوارٽر ٽنڊي محمد خان ۾ هو، ٻن شهرن کي بجلي فراهم ڪندي هئي: ٽنڊو محمد خان ۽ قمبر. ان ڪري هن پراڻي عمارت جي پيشانيءَ تي ٻنهي شهرن جا نالا گڏ لکيل آهن.

اڄ شايد ڪنهن لاءِ اهي رڳو انگريزيءَ جا چند لفظ هجن پر قمبر جي تاريخ لاءِ اهي لفظ هڪ پورو زمانو آهن. وقت اڳتي وڌندو رهيو.1944ع جا ماڻهو پوڙها ٿيا سندن ٻار وڏا ٿيا، انهن جا ٻار به جوان ٿيا. شهر وڌندو ويو. نيون عمارتون ٺهيون، نوان رستا آيا، بجليءَ جو نظام بدلجي ويو. پاور هائوس جي مشينن جا آواز خاموش ٿي ويا. جنريٽر نڪري ويا. تارون لهي ويون. ادارا تبديل ٿيا. عمارت جي حيثيت به بدلجي وئي. پر ان جي پيشانيءَ تي لکيل 1944ع خاموش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اڄ ان عمارت جي هيٺان ننڍا دڪان آهن اندر گهر آباد آهن روزمرهه جي زندگي پنهنجي رفتار سان هلي رهي آهي. پر ڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي انهن ڀتين سان ڳالهائڻ جو وقت ملي ته هو شايد ٻڌي سگهي: مون قمبر کي پهرين روشني ڏٺي آهي. مون انهن ماڻهن جون اکيون ڏٺيون آهن جن پهريون ڀيرو بلب ٻرندي ڏٺو هو. مون جنريٽرن جي گونج ٻڌي آهي. مون قمبر جون راتيون روشن ٿينديون ڏٺيون آهن. پر افسوس اسان تاريخ کي ٻڌڻ لاءِ پنهنجا ڪن ئي بند ڪري ڇڏيا آهن. اسان نئين شهر ٺاهڻ جي ڊوڙ ۾ پراڻي شهر کي وساري رهيا آهيون.

قمبر جي تاريخ رڳو ڪتابن ۾ ناهي. اها پراڻي ريلوي اسٽيشن جي خاموشيءَ ۾ آهي. اها پراڻين بازارن جي ڀتين ۾ آهي. اها شهر جي نيرولي بازار ۾ آهي، اها شهر جي لاهي چاڙهي بازار ۾ آهي، اها سڪو تلاء ۾ آهي. اها انهن عمارتن ۾ آهي جن تي وقت جا نشان اڄ به موجود آهن. ۽ اها هن پاور هائوس جي پيشانيءَ تي لکيل 1944ع ۾ به آهي.

سوال اهو ناهي ته اها عمارت اڄ ڪيتري خوبصورت آهي. سوال اهو آهي ته ڇا اسان ان جي اندر لڪل تاريخ کي خوبصورت نموني محفوظ ڪري سگهنداسين ؟ ڇا ايندڙ نسل کي ٻڌائي سگهنداسين ته قمبر ۾ بجلي ڪڏهن آئي؟ ڇا ڪو ٻار سڀاڻي پنهنجي ڏاڏي کان پڇندو ته قمبر ۾ پهريون بلب ڪڏهن ٻريو هو ۽ ڇا اسان وٽ ان سوال جو ڪو جواب هوندو؟ اسان کي وڏو عجائب گهر ٺاهڻ جي ضرورت ناهي. هن عمارت جي ٻاهران رڳو هڪ ننڍڙي تختي لڳائي وڃي. ان تي لکجي: هيءَ عمارت 1944ع ۾ قمبر کي بجلي فراهم ڪندڙ پاور هائوس طور استعمال ٿيندي هئي. هيءَ قمبر جي برقي تاريخ جي هڪ اهم نشاني آهي. بس شايد تختي ننڍڙي هجي پر ايندڙ نسل لاءِ ان جي معني تمام وڏي هوندي. ڇو ته قومون ۽ شهر پنهنجي تاريخ کي محفوظ ڪري ئي پنهنجي سڃاڻپ محفوظ ڪندا آهن. اڄ جڏهن اسان قمبر جي هن پراڻي عمارت وٽان گذرون ٿا ته شايد اسان کي رڳو هڪ پراڻي ڀت نظر اچي. پر اوهان تصور ڪريو: رات جا ڇهه ٿيا آهن. پاور هائوس اندر ڊيزل جنريٽر هلڻ شروع ڪري ٿو. مشين جي آواز سان گڏ بجليءَ جي لهر شهر ڏانهن وڃي ٿي. هڪ گهر ۾ بلب ٻري ٿو. ٻئي گهر ۾ ٻار خوشيءَ سان ڇت ڏانهن نهارين ٿا. بازار ۾ دڪاندار لاٽين وسائي بلب ٻارڻ  لڳن ٿا ۽ قمبر جيڪو ڪجهه گهڙيون اڳ اونداهيءَ ۾ هو اوچتو روشن ٿي وڃي ٿو. شايد اها قمبر جي پهرين جديد شام هئي. ۽ اڄ اٺن ڏهاڪن کان پوءِ ان شام جي آخري روشني اڃا به ان پراڻي عمارت جي پيشانيءَ تي لکيل آهي. اچو ته ان روشنيءَ کي وسامڻ نه ڏيون. ڇو ته شهرن جون بتيون وسامي سگهن ٿيون پر انهن جي تاريخ جي روشني ڪڏهن به نه وسامڻ گهرجي.

___________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button