Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياوِندر

آءِ سي سي عورتن جي ڪرڪيٽ جو هفتو۽ سنڌي عورتون

ڇا ھاڻي اُميد ڪجي تہ ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ سنڌي ڇوڪرين کي کيڏڻ جا موقعا ملندا؟

پاڪستان ۾ جيئن مردن جي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ سنڌ ۽ ٻين ننڍن صوبن جي نوجوانن کي نظرانداز ڪيو ويو، تيئن ڪڏھن بہ ڪنھن سنڌي ڇوڪريءَ کي موقعو ڪونہ ڏنو ويو. 

مُشتاق ٽانوري

دنيا ۾ ڪرڪيٽ جي  سنڀال ۽ واڌاري جو ڪم ڪندڙ تنظيم انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) عورتن جي راندين جي واڌاري لاءِ هڪ نئين تاريخ لکي آهي. آءِ سي سي اعلان ڪيو آهي ته سال 2025 ۾ پهريون ڀيرو “عورتن جي ڪرڪيٽ جوهفتو” عالمي سطح تي ملهايو ويندو، جيڪو 16 آڪٽوبر کان 22 آڪٽوبر تائين جاري رهندو. اهو هفتو ڀارت ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي عورتن جي ورلڊ ڪپ سان گڏيل طور تي منسوب ڪيو ويو آهي، جيئن دنيا جو ڌيان هڪ ئي وقت عورتن جي ڪرڪيٽ جي جشن ڏانهن ڇڪجي. هي ساليانو پروگرام عورتن جي ڪرڪيٽ کي وڌيڪ ڏسڻ جوڳو، مشهور ۽ قابلِ احترام بڻائڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. آءِ سي سي چاهي ٿي ته هيءُ پليٽفارم نه صرف عالمي سطح تي عورت رانديگرن جي ڪاميابين کي مڃتا ڏئي، پر هر ملڪ، هر علائقي ۽ هر ڪميونٽيءَ ۾ ڇوڪرين لاءِ ڪرڪيٽ کي پهچائجي.

آءِ سي سي جي چيئرمين هن شروعات بابت چيو تہ “هي سال عورتن جي ڪرڪيٽ لاءِ هڪ تاريخي موڙ آهي، جتي نه رڳو رڪارڊ تماشائي ڏٺا ويا آهن، پر سڄي دنيا ۾ ڪرڪيٽ لاءِ  هڪ نئون جوش ۽ جذبو پيدا ٿيو آهي. آءِ سي سي عورتن جي ڪرڪيٽ جي هفتي جو اعلان اسان جي ان عزم جي علامت آهي ته عورتن لاءِ راندين ۾ برابر موقعا پيدا ڪجن. هيءَ شروعات سڀني ميمبر ملڪن لاءِ هڪ موقعو آهي ته اُهي عورتن جي راند جي مستقبل جي تشڪيل ۾ حصو وٺن ۽ پنهنجي سماجن ۾ مثبت تبديليون آڻين.”

عورتن جي ڪرڪيٽ جو سفر ڊگهو ۽ شاندار آهي، جيڪو لڳ ڀڳ 90 سال اڳ 1934ع ۾ شروع ٿيو، جڏهن انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ پهرين عورتن جي ٽيسٽ ميچ کيڏي وئي.  1958ع ۾ انٽرنيشنل وومنز ڪرڪيٽ ڪائونسل ٺهي، جنهن عورتن جي ڪرڪيٽ کي منظم ڪيو. 1973ع ۾ عورتن جو پهريون ون ڊي ورلڊ ڪپ  انگلينڊ ۾ ٿيو، جيڪو مردن جي ورلڊ ڪپ کان به ٻه سال اڳ هو. ، اهو عورتن جي راند جي همت ۽ اڳڀرائيءَ جو مثال آهي.  اهو تاريخي لمحو عورتن جي راند لاءِ حوصلو ڏيندڙ بڻيو. 1977 ع ۾ آءِ سي سي عورتن جي ڪرڪيٽ کي پنهنجي ڍانچي ۾ شامل ڪيو، جنهن کان پوءِ عورتن جون ٽيمون وڌيڪ منظم ۽ بين الاقوامي سطح تي متحرڪ ٿي ويون. 2004ع ۾ ٽي 20 ڪرڪيٽ اچڻ سان عورتن لاءِ نوان در کلي پيا ۽ دنيا ڀر ۾ ليگون، اسڪول پروگرام، ۽ راندين جون ڪلبون تيزيءَ سان وڌڻ لڳيون. 2005ع ۾ آءِ ڊبليو سي سي ، آءِ سي سي سان ضم ٿي وئي ۽ ان سان عورتن جي ڪرڪيٽ کي عالمي ڪرڪيٽ ڍانچي جو مڪمل حصو بڻايو ويو. پوءِ 2009ع ۾ پهريون آءِ سي سي وومنز ٽي 20 ورلڊ ڪپ ٿيو، جنهن نئين نسل ۾ عورتن جي ڪرڪيٽ کي عالمي شهرت ڏني. اڄ عورتن جي ڪرڪيٽ رڳو انگلينڊ ۽ آسٽريليا تائين محدود نہ آهي، پر ڏکڻ ايشيا، آفريڪا ۽ پئسفڪ تائين ڦهليل آهي. جتي ڀارت، پاڪستان، بنگلاديش، سري لنڪا، ڏکڻ آفريڪا ۽ نيوزيلينڊ جهڙيون ٽيمون وڏي جوت سان راند کي اڳتي وڌائي رهيون آهن. عورتن جي ڪرڪيٽ صرف ورلڊ ڪپ يا ٽي 20 تائين محدود ناهي، پر انگلينڊ ۾ “دي هنڊريڊ” ليگ، آسٽريليا ۾ “وومنز بيگ بيش” ۽ ڀارت ۾ “وومنز پريميئر ليگ” جهڙيون وڏيون ليگون عورت رانديگرن کي نئين سڃاڻپ ڏئي رهيون آهن.

نئين “عورتن جي ڪرڪيٽ هفتي” جي موقعي تي ڪيترن ئي ملڪن پنهنجي واعدي جو اعلان ڪيو آهي. انگلينڊ ۽ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ  تفريحي ڪرڪيٽ ۾ ڇوڪرين جي شرڪت وڌائڻ لاءِ اسڪولن ۽ ڪلبن ۾ نوان پروگرام شروع ڪري رهيو آهي. ڏکڻ آفريڪا پنهنجي قومي رانديگر ڪارابو ميشو جي اسڪول ۾ هڪ خاص ڏينهن ملهائيندو، جنهن ۾ ننڍين ڇوڪرين جي ٽريننگ، پينل ڳالهه ٻولهه ۽ مقامي ميچون شامل هونديون. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ “مني ورلڊ ڪپ” جو سلسلو جاري رکيو پيو اچي، جنھن ۾ اسڪول جي ڇوڪرين کي ننڍن ٽورنامينٽن ذريعي عالمي اسٽيج تي لهڻ جو موقعو ملي ٿو.

آءِ سي سي جا ايسوسيئيٽ ميمبر ملڪ واچ پارٽيز ۽ ميلن ذريعي ڪميونٽين کي گڏ آڻڻ ۽ عورتن جي ڪرڪيٽ بابت شعور وڌائڻ، ڪوچنگ ۽ ليڊرشپ پروگرامن ذريعي عورتن لاءِ اڳواڻي جا موقعا وڌائڻ ۽ آءِ سي سي جي “ڪِريو پروگرام” تحت نوجوان ڇوڪرين کي ڪرڪيٽ ۾ شامل ڪرڻ، مقابلا ڪرائڻ ۽ ٽيلينٽ ڳولڻ تي ڪم ڪندا.

پاڪستان ۾ عورتن جي ڪرڪيٽ جو سفر 1997ع ۾ رسمي طور شروع ٿيو، جڏهن پاڪستان وومنز ڪرڪيٽ ڪنٽرول ايسوسيئيشن ٺهي. شروعات ۾ عورتن کي راند ڪرڻ لاءِ سماجي رنڊڪن ۽ تنقيدن جو مقابلو ڪرڻو پيو، پر ثنا مير، بسمه معروف، ندا ڊار، جويريا خان ۽ ناشرا سنڌو جهڙيون رانديگرياڻيون عالمي سطح تي پاڪستان جي سڃاڻپ بڻيون. اڄ پاڪستان ۾ نه رڳو قومي ٽيم موجود آهي، پر اسڪولن ۽ يونيورسٽين ۾ ڇوڪرين لاءِ ٽورنامينٽس ۽ ٽريننگ اڪيڊميون به وڌي رهيون آهن. آءِ سي سي عورتن جي ڪرڪيٽ هفتي سان اميد آهي ته پاڪستان ۾ به نيون رانديگرياڻيون سامهون اينديون ۽ ڪرڪيٽ هر ڇوڪريءَ جو خواب بڻبي.  بھرحال، پاڪستان ۾ جنھن ڳالھ جي کوٽ محسوس ڪئي وڃي ٿي، اُھا آھي سمورن صوبن جي ڇوڪرين کي برابر موقعا ڏيڻ جي. پاڪستان ۾ مردن جي ڪرڪيٽ ٽيمن ۾ اڳئي اھا اڻبرابري جاري آھي ڇو تہ ھن ملڪ ۾ صرف پنجاب ۽ خيبر پختونخواھ جي نوجوانن کي ڪرڪيٽ ٽيمن ۾ کنيو وڃي ٿو. جيڪڏھن ھڪ اڌ نوجوان سنڌ مان کينو بہ ويو تہ اُن کي دِل شڪني ڪري موٽايو ويو آھي. اھڙي طرح سنڌ مان ڪڏھن ڪنھن سنڌي ناريءَ کي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ڪونہ کنيو ويو آھي. ڇا ھاڻي اُميد ڪجي تہ ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ سنڌي ڇوڪرين کي کيڏڻ جا موقعا ملندا؟

عورتن جي ڪرڪيٽ جو هيءُ عالمي هفتو صرف هڪ راند جو جشن نه آهي پر برابري، همت ۽ اميد جو پيغام آهي. آءِ سي سي جي هي شروعات عورتن جي ان تاريخي جدوجهد کي سلام آهي، جيڪا 1934ع ۾ شروع ٿي ۽ هاڻي دنيا جي هر ڪنڊ ۾ نون خوابن، نون بيٽن ۽ نون اميدن سان جاري آهي، اها دنيا کي اهو ٻڌائي ٿي ته ڪرڪيٽ رڳو ميدان تائين محدود ناهي، اها سوچ، عزت ۽ موقعن جي نئين دنيا جو در کولڻ آهي.

________________

Mushtaq Tanwri-TheasiaN

مُشتاق ٽانوري خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ صَحافي پِرنٽ ۽ اِليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button