Editor's pickوِندر

سنڌي فلم انڊسٽريءَ جي بحالي: وقت جي ضرورت ۽ واٽون

’انڊس ايڪوز‘ جو پھريون سنڌي فلم جو سرڪاري پوسٽر، IMDb جي مهرباني سان

سنڌ جي ڌرتي شاعري، موسيقي، داستانن ۽ ثقافت جي ڌرتي آهي، جتي هر رنگ ۾ هنر جي خوشبو آهي. پر افسوس ته اڄ سنڌي فلم انڊسٽري بلڪل ناپيد ٿي چُڪي آهي. 1960ع ۽ 1970ع واري دور ۾ سنڌي فلمن جي جيڪا چمڪ هئي، اها هاڻ فقط تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ آهي. انھيءَ زماني جون فلمون سنڌي سينيما جي سونھري دور جون يادگارون آهن.

پر سوال هي آهي ته: سنڌي فلم انڊسٽري کي ٻيھر ڪيئن زنده ڪري سگھجي ٿو؟

مضبوط اسڪرپٽ ۽ ديسي ڪھاڻيون

سنڌ ۾ هزارين داستان، لوڪ ڪھاڻيون، مزاحيه، تاريخي ۽ سماجي موضوع موجود آهن. فلمون ڌرتيءَ سان جڙيل هجڻ گهرجن. مھاراجا ڏاهر، شاهه عنايت، سسئي پنھون، سورٺ راءِ ڏياچ، ڀٽائي جي بيتن تي فلمون ٺاهڻ، ماڻھن جي دلچسپي وڌائيندي. انھيءَ سان گڏ موجودہ وقت جي بدليل حالتن کي نظر ۾ رکندي بہ سنڌي فلمن ۾ نوان لاڙا آڻڻ گھرجن.

فلمي تعليمي ادارن جو قيام

سنڌ ۾ ڪا به خاص فلم اڪيڊمي موجود ناهي جتي نوجوان هدايتڪار، اسڪرپٽ ليکڪ، اداڪار يا ايڊيٽر سکڻ وڃن. ضروري آهي ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ سنڌي فلم انسٽيٽيوٽس قائم ڪيا وڃن.

حڪومتي تعاون ۽ سبسڊي

سرڪار کي گھرجي ته سنڌي فلمن لاءِ فنڊ مختص ڪري. ثقافت کاتي پاران سنڌ فلم بورڊ قائم ڪري سگھجي ٿو، جيڪو فلمسازن کي سبسڊي، گرانٽ يا ٽيڪنيڪل مدد فراهم ڪري.

ڊجيٽل پليٽفارمن جو استعمال

اڄ جو زمانو ڊجيٽل آهي. فلم ٺاهڻ لاءِ وڏو سيٽ يا اسٽوڊيو نه پر موبائيل ۽ ڊرون سان به بھترين فلم ٺاهي سگهجي ٿي. يوٽيوب، نيٽ فلڪس، فيس بڪ، انسٽاگرام وغيرہ سنڌي فلمون رليز ڪرڻ لاءِ نوان در کولن ٿا.

نئين نسل جي شموليت

اهو ضروري آهي ته نوجوان تخليقڪار، انفلوئنسرز، وي لاگرز کي فلم جي شعبي ڏانهن راغب ڪيو وڃي. انھن کي مختصر فلمون، ويب سيريز، ڊاڪيومينٽريز ذريعي سنڌي ٻوليءَ ۾ اظهار جو موقعو ڏنو وڃي.

سينمائن جي بحالي

سنڌ ۾ پُراڻيون سئنيمائون تہ ختم ٿي ويون پر ڪراچي، حيدرآباد ۽ ھڪ اڌ ٻئي شھر ۾ قائم جديد سينما گھر ويران آهن. سرڪار يا نجي شعبي کي گھرجي ته اهي سينما گهر ٻيهر بحال ڪري سنڌي فلمن جي نمائش جو رستو هموار ڪري.

سنڌي اداڪارن ۽ فنڪارن کي موقعو ڏيڻ

سنڌي ڳائڻا، اداڪار، ڪاميڊين، شاعر ۽ موسيقار تمام گهڻو ٽيلنٽيڊ آهن. پر انهن کي قومي ميدان ۾ موقعو نه ملڻ ڪري هو نظرانداز ٿيا آهن. فلم انڊسٽري جي بحاليءَ سان انھن لاءِ نوڪرين جا موقعا به پيدا ٿيندا.

ثقافتي ميلن ۽ فلم فيسٽيولن جو اهتمام

هر سال سنڌي فلم فيسٽيول، ڊاڪيومينٽري شو، مختصر فلم مقابلا منعقد ڪيا وڃن. اهڙن موقعن سان نه فقط فلمسازن جي همت افزائي ٿيندي پر نئين ٽيلنٽ کي به اڳتي اچڻ جو موقعو ملندو.

ميڊيا جو ڪردار

سنڌي ٽي وي چينلن، اخبارن، ريڊيو اسٽيشنن کي سنڌي فلمن جي پروموشن لاءِ خاص وقت مختص ڪرڻ گھرجي. ريليز کان اڳ ٽيزر، انٽرويوز، ويڊيوز ذريعي فلمن کي مشھور ڪري سگھجي ٿو. سنڌي فلم صرف هڪ فن نه پر قوم جي سڃاڻپ آهي. جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته سنڌي ٻولي ۽ ثقافت زندہ رهي، ته پوءِ فلم جھڙو وسيع ۽ اثرائتو اوزار وساري نه ڇڏجي. ھاڻي وقت آهي ته سنڌي فلم انڊسٽري جي بحالي لاءِ گڏجي قدم کنيا وڃن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button